سينگار وطن جو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
ٿي خوب وطن واسي وفادار وطن جو،​
سينگهار وطن جو۔​
هر ڪن ۾ ۽ هر دم ٿي آڌار وطن جو،​
سينگهار وطن جو۔​
جنهن کي ٿي وطن پنهنجي سان الفت ۽ محبت،​
سيني ۾ صداقت۔​
هرحال ۾ سو ٿئي ٿو مددگار وطن جو،​
سينگهار وطن جو۔​
رک سر تون تري تي ٿي سدا مرد مجاهد،​
ٿي حضرتِ خالد،​
سالار سپهه جو ٿي عملدار وطن جو،​
سينگهار وطن جو۔​
مخدوم ٿيڻ چاهين ته ڪر قوم جي خدمت،​
رک ديس سان الفت۔​
ٿي خوب وطن دوست ۽ دلدار وطن جو،​
سينگهار وطن جو۔​
هي پاڪ وطن آهي اسان لئي احسن،​
گويا ٿيو گلشن،​
هر ڪو گل ۽ گلشن ٿيو بي خار وطن جو،​
سينگهار وطن جو۔​
(حافظ محمد احسن چنا)​
 
Back
Top