شيرين
سينيئر رڪن
ڏاڏاڻو هي ڏيهه اسان جو،
سوڀارو ساڻيهه اسان جو۔
صبح انهي ڪو سهڻو سهڻو،
سهڻو سهڻو ۽ من مهڻو۔
شام انهي جي پياري پياري،
سهڻن رنگن روپن واري۔
رات انهي جي چنڊ ستارا،
نوري ان جا سَڀ نظارا۔
جبل انهي جا اوچا آهن،
ڳاٽ کنيو ڏس بيٺا آهن۔
دريا وهندا وهندا آيا،
هيٺ جبل تان لهندا آيا۔
چاندي جهڙو جن جو پاڻي،
جنهن کان ڌرتي ساوڪ ماڻي۔
مٽي ان جي سوني آهي،
هاري ان تي هر ٿو ڪاهي،
سونا سونا سنگ اپائي،
کانڀاڻي سان جهار اڏائي۔
مِل ۾ ڏس مزدور اچن ٿا،
پنهنجي وطن لئه پورهيو ڪن ٿا۔
سمجهه اهوئي درس ڏين ٿا،
محنت سان ئي رنگ رچن ٿا۔
محنت محنت محنت محنت،
محنت ۾ ئي آهي عظمت۔
اچو پڙهڻ تي ڌيان لڳايون،
پنهنجي وطن جو مان وڌايون!
امداد حسيني