سوڀارو ساڻيهه

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
ڏاڏاڻو هي ڏيهه اسان جو،​
سوڀارو ساڻيهه اسان جو۔​
صبح انهي ڪو سهڻو سهڻو،​
سهڻو سهڻو ۽ من مهڻو۔​
شام انهي جي پياري پياري،​
سهڻن رنگن روپن واري۔​
رات انهي جي چنڊ ستارا،​
نوري ان جا سَڀ نظارا۔​
جبل انهي جا اوچا آهن،​
ڳاٽ کنيو ڏس بيٺا آهن۔​
دريا وهندا وهندا آيا،​
هيٺ جبل تان لهندا آيا۔​
چاندي جهڙو جن جو پاڻي،​
جنهن کان ڌرتي ساوڪ ماڻي۔​
مٽي ان جي سوني آهي،​
هاري ان تي هر ٿو ڪاهي،​
سونا سونا سنگ اپائي،​
کانڀاڻي سان جهار اڏائي۔​
مِل ۾ ڏس مزدور اچن ٿا،​
پنهنجي وطن لئه پورهيو ڪن ٿا۔​
سمجهه اهوئي درس ڏين ٿا،​
محنت سان ئي رنگ رچن ٿا۔​
محنت محنت محنت محنت،​
محنت ۾ ئي آهي عظمت۔​
اچو پڙهڻ تي ڌيان لڳايون،​
پنهنجي وطن جو مان وڌايون!​
امداد حسيني​
 
ڏاڏاڻو هي ڏيهه اسان جو،​
سوڀارو ساڻيهه اسان جو۔​
صبح انهي ڪو سهڻو سهڻو،​
سهڻو سهڻو ۽ من مهڻو۔​
شام انهي جي پياري پياري،​
سهڻن رنگن روپن واري۔​
رات انهي جي چنڊ ستارا،​
نوري ان جا سَڀ نظارا۔​
جبل انهي جا اوچا آهن،​
ڳاٽ کنيو ڏس بيٺا آهن۔​
دريا وهندا وهندا آيا،​
هيٺ جبل تان لهندا آيا۔​
چاندي جهڙو جن جو پاڻي،​
جنهن کان ڌرتي ساوڪ ماڻي۔​
مٽي ان جي سوني آهي،​
هاري ان تي هر ٿو ڪاهي،​
سونا سونا سنگ اپائي،​
کانڀاڻي سان جهار اڏائي۔​
مِل ۾ ڏس مزدور اچن ٿا،​
پنهنجي وطن لئه پورهيو ڪن ٿا۔​
سمجهه اهوئي درس ڏين ٿا،​
محنت سان ئي رنگ رچن ٿا۔​
محنت محنت محنت محنت،​
محنت ۾ ئي آهي عظمت۔​
اچو پڙهڻ تي ڌيان لڳايون،​
پنهنجي وطن جو مان وڌايون!​
امداد حسيني​
خلقت سُڏڪي سُڏڪي گهرندي آ
عزت ، دولت ، شُهرت ، عظمت
قُدرت مُرڪي مُرڪي چوندي آ
محنت ، محنت ، محنت ، محنت
 
Back
Top