السلام عليڪم سنڌ سلامت سنڌي ٻولي سلامت. سائين منهنجو نالو عبدالستار چنا آهي. ۽ مان دادو ضلعي جي هڪ تاريخي شهر پاٽ شريف سان تعلق رکان ٿو. پر والد صاحب جي جاب ڪراچي ۾ هجڻ ڪري ننڍ پڻ کان ڪراچي ۾ رهائش آهي ۽ ابتدائي تعليم پڻ ڪراچي ۾ حاصل ڪئي. ادا سائين مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان محترم سائين علي منير پاٽائي صاحب ۽ محترم سائين زاهد سومرو صاحب جو, جن مون ناچيز کي سنڌ سلامت فورم جي ڄاڻ ڏني. دوستو! سچ پڇو ته جَسُ هجي انهن دوستن کي جن هن سنڌ سلامت فورم کي ٺاهي اسان سنڌين تي هڪ احسان ڪيو آ. انشاالله حياتي رهي ته تمام سٺو ۽ ڪارائتو ساٿ رهندو. مهرباني عبدالستار چنا 03 نومبر 2009 E-mail: aschanna@yahoo.com
وعليڪم السلام ادا عبدالستار۔۔۔ سنڌين جي هن آن لائين اوطاق تي اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا۔۔ اُميد ته توهان به هن سنڌيت جي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندوء
وعليڪم السلام ادا عبدالستار توهانکي سنڌ سلامت تي ڀلي ڪار چئون ٿا۔مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي۔ ۽ اسين هڪ ڳوٺ پاٽ شريف جا رهواسي آهيون۔ ان کان وڌيڪ ٻي ڪڙي خوشي جي ڳاله هوندي۔ ادا اسين هن وقت ثئي پاڙسري علي منير ۽ ادا زاهد حسين سومرو ۽ ادا عبدالستار چنه سنڌسلامت جا ميمبر آهيون ۔ادا اميد ته هن سفر ۾ اسان سڀني سنڌي ڀائرن جو ساٿ تمام سٺو رهندو انشاءَالله ۔ wslambhali kareayasindhsalamatsaathsal علي منير پاٽائي الله حافظ سدائين گڏ
وعليڪم السلام ادا عبدالستار توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار اسانکي خوشي ٿي انشاءالله روح رهاڻيون ٿينديون رهنديون اوهانجو ڀاء عبدالغني لوهار قطر
وعليڪم السلام! ادا عبدالستار چنا صاحب اوهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيا آهيو۔۔۔ اسان جون اکيون ٿڌيون ٿيون، مٺا اوهان جو سنڌ سلامت تي اچڻ ڪنهن خوشي کان گهٽ ناهي۔۔۔۔ اسان جا سمورا دوست اوهان جي استقبال لاٰءِ اجهو، ڪي گل، مٺايون کڻي رسندا۔۔۔۔ اوهان جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ وارا هي سنڌ سلامت جا دوست اوهان جي رهنمائي پڻ ڪندا ۽ اوهان کان ڪجهه پڻ سکندا۔۔۔ سنڌ سلامت جي رڪنيت حاصل ڪرڻ تي اوهان کي منهنجي طرفان لک لک واڌايون هجن۔۔۔۔shal judy hujeen ادا علي منير جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جو اوهان کي هن سٿ جي ڪوٺ ڏني۔۔۔۔ اوهان اسان جا ڳوٺائي آهيو۔۔۔ اها تمام گهڻي خوشي ٿي جو اسان هن ساٿ ۾ 3 ڳوٺائي موجود آهيون۔۔۔ هتي سڀ هڪ ٻئي جا ڳوٺائي آهيون سڀئي ڀائر آهيون۔۔۔۔ اوهان جو ساٿ هميشه قائم ۽ دائم رهندو۔۔۔
مبارڪ باد ۽ خوش آمديد سائين عبدالستار کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا اسان جي هن ساٿ جو هڪ ساٿي وڌيو آهي اسان کي بيحد خوشي ٿي آهي ته پوء حاضر آهن پنهنجي ڀاء لاء ڪجهه هي تحفه اميد ته قبول پوندا
ادا سائين لک لائق السلام عليڪم ادا سائين توهان سڀني ڀائرن جا لک لائق وڏي مهرباني, جو توهان ايترو مَانُ ۽ قُرب ڏنو. مهرباني عبدالستار چنا ڪراچي
ادا عبدالستار چنا۔ ڀلي ڀلي ڪري آيا، سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي ، اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي دل جي گهرائن سان توهان کي ڀليڪار ٿا چئون۔ لطيف سائين جن جو هڪ تمام پراڻو پر هر دور ۾ نئون لڳندڙ بيت ياد پيو اچيم ته الله اچن اُو جن آئي من سرهو ٿئي، بيشڪ توهان جي اچڻ سان اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي سرها آهيون۔ اسين اميد ۽ دُعا ٿا ڪريون ته سنڌين جو هي محبتي ميڙو سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تي سدائين متل رهندو۔ ۽ توهان جهڙن مٺن ماڻهن جي دم سان پريَنِ جِي سجايل هي اوطاق سدائين وسندي رهندي۔ (آمين)
ادا سائين توهان جي سنڌ سلامت تي اچڻ جي خوشي ٿي سائين رشيد صاحب واقعي قابل فخر ڪم ڪيو آهي جو سجي دنيا جي سنڌين کي حال احوال خوشي غمي شيئر ڪرڻ لا هڪ پليٽ فارم ڏنو آهي مهرباني
السلام عليڪم محترم سائين نثار صاحب اميد ته خير و آفيت سان هوندوءُ. سائين مان توهانجو ٿورائتو آهيان, جو مون ناچيز کي توهان ايترو مان ۽ محبت ڏني. ۽ مان توهان سان گڏوگڏ انهن سڀني دوستن جو پڻ مهربان آهيان جن سنڌ سلامت جي اوطاق تي منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو ڏاڏي خوشي ٿي آهي. انشاءالله هن سنڌي سنگت جي ساٿ سان روحَ رهاڻيون سدائين رهنديون. مهرباني۔ محترم سائين محمد جمن صاحب توهان جا لک لائق سدا آباد هجو. مهرباني۔ هوت ڪجان نه حسابُ, اَئون ته ڏوهي آهيان. مِيري سَندي مَنَ ۾, ناهي ڪو ثواب, جَانِب ڪهڙو جوابُ, ڏينديس هر هڪ ڏوهه جو.
السلام عليڪم ادا عبدالستار چنا صاحب ادا مان اوهان کي سنڌ سلامت انتظاميه طرفان خوش آمديد چوان ٿو ۽ توهان کي مبارڪون پڻ ڏيان ٿو ته توهان پوري دنيا جي پهرين وڏي مان وڏي سنڌي فورم جا ميمبر ٿيا آهيون ان تي توهان کيرون کنڊون لهڻو ان سان گڏ مان فقير زاهد سومري جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن توهانکي هن فورم بابت ڄاڻ ڏني . دوست حسب روايت توهان کي سنڌ سلامت انتظاميه پاران هي ڪجهه تحفه ڏيجن ٿا اميد ته قبول پوندا sadayeen gud shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
محترم عبدالستار صاحب سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه دوستن توهان کي محبت سان آڌار ڀاء ڪيو۔۔۔ دراصل هن سنڌي ميڙاڪي جو مقصد ئي محبتون ورهائڻ آهي۔۔۔ اميد اٿم ته هتي گذاريل توهان جون گهڙيون توهان لاءِ يادگار هونديون۔۔۔۔ فورم جوائن ڪرڻ لاءِ توهان جا لک لائق ۔۔۔ هاڻي توهان جي خوبصورت لکڻين جو انتظار رهندو۔۔۔
اسلام عليڪم منھنجي سنڌ جي ھن بھترين ڪلپنا ۽ وقت جي اھم ضرورت کي پنھنجي الپنا ۾ سجائيندڙن کي مون ٿر جي ھڪ نوجوان جا سلام قبول پون گھڻي وقت کان پوءِ دوستن اسحاق سمون ۽ رحمت اللھ راھمون جي چوڻ تي مون ھي فورم جوائن ڪيو سچ پڇو دل گواھي ڏني ته سنڌ جو مستقبل روشن ۽ پر وقار آھي نهايت ئي محبت سان اها ڳالهه ٿو ڪريان ته هن محبتي اڱڻ تان سدائين ھن امر ڌرتي ۽ ان ۾ وسندڙ مٺڙن ڪردارن سان ڪچھريون ڪبيون سور سلبا رهبا ۽ خوشيون ونڊبيون رهبيون آئون بلڪل نئون ھن سائيٽ تي مھمان آھيان منھنجا ھي لفظ.( تڪڙو جواب ڏيو) الائي ڪنھن کي پوسٽ ٿين پيا غلطي جي معافي اميد ته ڪجھ ڏينھن ۾ ھن سائيٽ جو صحيح استمعال ڪندڙ ٿي ويندس، امر القيس جي ھن رباعي سان موڪلايان ٿو ”جڏھن به ڪو صبح جو ڳائيندو آھي ھر ايندڙ ڏينھن جو ڏس ملندو آھي“ عقيل ازھري عمرڪوٽ
ادا عقيل ازهري صاحب توهان سنڌسلامت جي سهائي اڱڻ تي آيا اسان اوهان کي ڀلي ڪار چئون ٿا سنڌ سلامت جي سڀ ساٿي برجستا آهن خصوصا سائين نثار ناز ، سائين نثار ابڙو سائين فقير صاحب بهرحال هر گل را خوشبوء ديگر است جي مصداق وانگر ڪو به گهٽ نه آهي هر ڪنهن ۾ ڪا اهڙي خوبي آه جيڪا ٻئي ڪنهن ۾ شايد نمايا نه هجي توهان هن اڱڻ تان گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا جيڪڏهن ايندا رهندا ته انشاءالله ڪجهه توهان کان سکبو ڪجهه اوهان کي به ملندو ۔