• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ خيال اوهان جي راين جي نظر!!!!

ماريه ڪنول

سينيئر رڪن
هڪ خيال۔۔۔
مختصر نثر
سندر آنٽي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مان اڄ پهنجي جوان پٽ سان شاپنگ ڪرڻ هڪ مشهور مال ۾ ويم،
هڪ هڪ سوٽ پهنجي جسم تي رکي پٽ کان پڇان پئي
پٽ مهنجي چوائس تي تمام جوش خروش سان صلاح به ڏيئي رهيو هو
هڪ دم مهنجو پٽ خاموش ٿي ويو
ان سان ان جي ڪاليج جو دوست اچي مليو هو
هو دوست کي وٺي جڪهه پر ڀريو وڃي ڳالهائڻ لڳا،
هڪ عورت ما جي فطرت مجبور ٿي انهن جي ڳالهين کي ٻڌڻ چاهيو!!!
دوست مون واري پٽ کي چيئي رهيو هو يار هن آنٽي کي ڪٿان ڦاسايو اٿئي؟؟؟
تمام سندر آئٽي کي ڦاسايو اٿئي!!!!
تمام سمارٽ آهي!!!
جسم ڪيڏو نه مزيدار ڀريل پيو لڳي،
رنگ ڪيڏو نه گورو اٿس،
تهنجا ته يار ٻئي هٿ گيهه ۾ آهن،
مهنجي به ته ان سان دوستي ڪرا
ڪجه اسان به ان جي خدمت ۾ڪم اچون
مون هڪ لمحي ناگوار ٿي ان ڏانهن نهاريو
ته ان مسڪرائي چيو هائي تيري ظالم آنکهون ني مار ڊالا!!!
مهنجي پٽ هڪ دم چيو يار ذيشان
شي از مائي مام
دوست ايڪسڪيوز مي ڪري ويو هليو
ان مهل مون پهنجي پاڻ کي دڪان ۾ لڳل شيشي ڏانهن نهاريو
اکيون نير پيون هارين
اڄ مون کي پهنجي سندرتا مڪروه پئي لڳي!!
جنهن مهنجي جوان اولاد جو ڪنڌ هيٺ ڪرائي وڌو هو!!!!!
ماريه ڪنول
 
هڪ خيال۔۔۔
مختصر نثر
سندر آنٽي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مان اڄ پهنجي جوان پٽ سان شاپنگ ڪرڻ هڪ مشهور مال ۾ ويم،
هڪ هڪ سوٽ پهنجي جسم تي رکي پٽ کان پڇان پئي
پٽ مهنجي چوائس تي تمام جوش خروش سان صلاح به ڏيئي رهيو هو
هڪ دم مهنجو پٽ خاموش ٿي ويو
ان سان ان جي ڪاليج جو دوست اچي مليو هو
هو دوست کي وٺي جڪهه پر ڀريو وڃي ڳالهائڻ لڳا،
هڪ عورت ما جي فطرت مجبور ٿي انهن جي ڳالهين کي ٻڌڻ چاهيو!!!
دوست مون واري پٽ کي چيئي رهيو هو يار هن آنٽي کي ڪٿان ڦاسايو اٿئي؟؟؟
تمام سندر آئٽي کي ڦاسايو اٿئي!!!!
تمام سمارٽ آهي!!!
جسم ڪيڏو نه مزيدار ڀريل پيو لڳي،
رنگ ڪيڏو نه گورو اٿس،
تهنجا ته يار ٻئي هٿ گيهه ۾ آهن،
مهنجي به ته ان سان دوستي ڪرا
ڪجه اسان به ان جي خدمت ۾ڪم اچون
مون هڪ لمحي ناگوار ٿي ان ڏانهن نهاريو
ته ان مسڪرائي چيو هائي تيري ظالم آنکهون ني مار ڊالا!!!
مهنجي پٽ هڪ دم چيو يار ذيشان
شي از مائي مام
دوست ايڪسڪيوز مي ڪري ويو هليو
ان مهل مون پهنجي پاڻ کي دڪان ۾ لڳل شيشي ڏانهن نهاريو
اکيون نير پيون هارين
اڄ مون کي پهنجي سندرتا مڪروه پئي لڳي!!
جنهن مهنجي جوان اولاد جو ڪنڌ هيٺ ڪرائي وڌو هو!!!!!
ماريه ڪنول
تمام بهترين سبق آهي هن دور جي انسان لاء،
حقيقت ۾ اهيو سڀ اسان جي روشن جو نتيجو آهي ۽ جنهن معاشري ۾اسان انهن شين کي جنم ڏنو آهي اتي اهڙا احساس ملڻ عام رواجي ٿي ويو آهي ايترقدر اگر توهان پنهجي سڳي ڀيڻ سابه گڏ آهيو ته اوهان جا دوست ان کي اوهان جي گرل فرينڊ سمجهندا،
هڪ سوال آهي ته ڇا ان ۾ اسان جي سوچن تي گليمر ڏانهن مائل ڪندڙمواد يا ان جا موجودو وسيلا اثر اندازته ناهن؟
جيئن اسان تي ٻين پنهجو گند اڇلائي اسان کي ان جو عادي بنايو آهي ،اسان جي واڌ ويجه جي عمل ۾ اهڙيون شيون نظرن جي سامهون تنجڻن کان وٺي رکيون ٿيون وڃن جنهن جو اثر جيئن جيئن بلوغت ڏانهن وڌي ٿو ته انهن جا مليل پيغام اسان جي ڪنن ،اکين ،۽ زبان تي رهن ٿا،۽ اسان پنهجومذهب،پنهجي ثقافت پنهجي زميوارين کان عاري ٿي وڃون ٿا ،اسان جي تربيت ڪندڙ ڪير آهي ،؟؟؟؟ ڪنهن کي به خبر ڪانهي!!!!!!
اسان جا والدين ٻارن کي اسڪولن جي آسري تي گهر مان ڪڍيو ڇڏين،اسڪول ۾ ڇا سکيو اهي فقط ڪاپيون ڇيڪ ڪريو تسلي ڪريو ڇڏين ته ها اڄ پڙهي آيو مگر اهيو ڪو نه سوچيو ته انسان جو اولاد آهي ٿي سگهي ٿو ٻيو به ڪجه سکي آيو هجي ،!!!!!
ان کان پوء ٽيوشن،ٽيوشن کان پو هوم ورڪ ،ان کان پو 50 چينلن واري tv والدين ويٺا ڏسن انهن معصومن کي ٻار سمجهي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي پر ان کي اهي ٻار به پيا ٿا ڏسن ۽ زندگي جو وڏو حصو غير تربيتي پروگرام ۽ ڊرامائي يا فلمي انداز ۾ گزري ٿو وڃي ايئن ئي هر گهر جو ٻار بغير ڪنهن تربيت جي جوان ٿي چڪو آهي جتي انهن جي سوچن جي اوسر اهي ئي خيال اهي ئي انداز آهن جن کي هو زندگي سمجهي ڏسي چڪا آهن ته زندگي جو مقصد ڇا آهي ۔3 ڪلاڪن جي هر فلم جو سبق اهيو ئي آهي هر هيرو ڪنهن ڇوڪري جي پيار کان پو ئي هيرو ٿيندو آهي ،زندگي جي هر عمل تي اثر انداز ٿيندڙ اهيا برائي هر گهر ۾ پلجي ٿي ،ته لازم انهن جي وجودن ۾ ان جو ئي اثر ملندو،اسان جي زندگي اسان کي الله ۽ ان جي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ٻڌائي ،سيکاري ان جي مڪمل تعليم جو ڪتاب ڏنو پر اهو اسان جي ڪنهن به ڪم جو نه رهيو آهي ،ها بس مرڻ وقت يا جڏهن خداندواسته ڪنهن بيماري جي سبب ڊاڪٽر جواب ڏين ته ثواب ۽ شفا واسطي پڙهڻ جي ڪم ايندو آهي ،
قرآن زنده ماڻهن جو وسيلو آهي مگر اسان مردو ماڻحن جو وسيلو سمجهندا آهيون،۽ عمل ڪندا آهيون،ڪنهن جي مرڻ کان پوء قرآن خواني ڪرائي ان کي بخشڻ ۾ ان جو آجپو سمجهندا آهيون،زنده هوندي ڇو نه؟؟؟؟؟؟؟؟
ان ۾ ئي اهي تقدس جا سبق سکڻ لاء ملندا جنهن کان اسان پري آهيون،
اسان جي زندگي تي T.V جو مڪمل ظابطو آهي اسان جي زندگي جو هڪ حصو لازمي T,V جي ڪردارن جي چوڏاري گزري ٿو3 کان 5 ڪلاڪ اتي گزري ٿا وڃن پر 30 منٽ روز اسان پنهجي اصل زندگي کي نه ٿا ڏيون،پوء ظاهر آاهڙو معاشرو اسان جو منتظر هوندو،۽ اسان پستي ڏانهن پريشانين ڏانهن ڌڪجي رهيا آهيون ليڪن اسان کي وقت گزارڻ لاءانهن T.V ڊرامن جي ضرورت ٿي محسوس ٿئي،
انهن ۾ پلجندڙ ويچارا معصوم ٻارنه ٻيو ڪجه ڏسي سگهيا نه سکي سگهيا،جيڪو هنن ڏٺو اهو ئي سکيو آهي،
 
مانوارا سائين عتيق الرحمان صاحب ، توهان درست لکيو آهي، صرف ۽ صرف اسان پنهنجي دين کان ڏور ٿي وڃڻ سبب اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي جڏهن ته بهترين زندگي گذارڻ جو مڪمل ضابطه حيات قرآن پاڪ ۾ موجود آهي، 7 ٻيو ته اسان جيڪو ڪجهه سنڌي چينلن تي ڏسي رهيا آهيون اهو سڀ ڪجهه ڏسي به روح ڪنبجي وڃي ٿوته ڇا؟ اهو ئي اسان جي ثقافت آهي، ڇا اسان سنڌين وٽ نياڻين کي ائين ناچ نچايو ويندو آهي جئين اهي سڀ سنڌي چينل وارا ڪنهن به راڳي جي گاني تي ڏينکاري رهيا هوندا آهن۔۔۔افسوس
 
Back
Top