سنڌي ٻولي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
سنڌي ڏکڻ ايشيا جي قديم ٻولين مان هڪ آهي۔ مسلمان جي آمد کانپو سنڌي ٻولي ڏاڍي ترقي ڪئي، جنهن ۾ عربي فارسي ۽ ترڪي لفظن جي شامل ٿيڻ سان وسعت پيدا ٿي۔ سنڌي کي عربي رسم الخط ۾ لکيو وڃي ٿو، مسلمانن جي دور ۾ قرآن پاڪ جي ترجمي جو اعزاز پڻ سنڌي ٻولي کي حاصل آهي۔
صوفي بزرگن جي سنڌي شاعري نه رڳو سنڌ ۾، پر پاڪستان جي سڀني علائقن ۾ مشهور ۽ مقبول آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست سنڌي صوفيانه شاعري جا ٻه نمايان شاعر آهن۔ ماڻهن کي سندن شاعري مان قلبي قرار ملي ٿو ۽ کين انهن جي شخصيت ۽ پيغام تي بجا طور فخر آهي۔اوڻهين صدي جي پوئين حصي ڻ سنڌي ٻوليجديد روپ اختيار ڪيو۔ ويهين صدي ۾ سنڌي ٻولي نثر توڙي نظم ۾ ڏاڍي ترقي ڪئي ۽ افساني، ناول، ڊرامي، سفرنامي، مضمونن ۽ نثر جي ٻين جديد صنفن ۾ پڻ گهڻي اڳڀرائي ٿي۔
سنڌ يونيويرسٽي ڄام شورو، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي جا شعبا قائم ڪيا ويا۔جتي ٻولي ۽ ادب جي تعليم سان گڏ تحقيقي ڪم پڻ ٿئي ٿو ۽ ايم_فل ۽ پي_ايڇ_ڊي جون ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون۔ اها امتحانن جي ٻولي آهي جيڪا ايم_اي ۽ پي_ايڇ_ڊي تائين رائج آهي، سنڌي، سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لا سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو 1990ع کان ڪم ڪري رهيو آهي۔
 
سنڌي ڏکڻ ايشيا جي قديم ٻولين مان هڪ آهي۔ مسلمان جي آمد کانپو سنڌي ٻولي ڏاڍي ترقي ڪئي، جنهن ۾ عربي فارسي ۽ ترڪي لفظ جي شامل ٿيڻ سان وسعت پيدا ٿي۔ سنڌي کي عربي رسم الخط ۾ لکيو وڃي ٿو، مسلمانن جي دور ۾ قرآن پاڪ جي ترجمي جو اعزاز پڻ سنڌي ٻولي کي حاصل آهي۔
صوفي بزرگن جي سنڌي شاعري نه رڳو سنڌ ۾، پر پاڪستان جي سڀني ڀاڱن ۾ مشهور ۽ مقبول آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست سنڌي صوفيانه شاعري جا ٻه نمايان شاعر آهن۔ ماڻهن کي سندن شاعري مان قلبي قرار ملي ٿو ۽ کين انهن جي شخصيت ۽ پيغام تي بجا طور فخر آهي۔اڻويهن صدي جي پوئين حصي ۾ سنڌي ٻوليجديد روپ اختيار ڪيو۔ ويهين صدي ۾ سنڌي ٻولي نثر توڙي نظم ۾ ڏاڍي ترقي ڪئي ۽ افساني، ناول، ڊرامي، سفرنامي، مضمونن ۽ نثر جي ٻين جديد صنفن ۾ پڻ گهڻي اڳڀرائي ٿي۔
سنڌ يونيويرسٽي ڄام شورو، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ڪراچي يونورسٽي ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي جا شعبا قائم ڪيا ويا۔جتي ٻولي ۽ ادب جي تعليم سان گڏ تحقيقي ڪم پڻ ٿئي ٿو ۽ ايم_گل ۽ پي_ايڇ_ڊي جون ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون۔ اها امتحانن جي ٻولي آهي جيڪا ايم_اي ۽ پي_ايڇ_ڊي تائين رائج آهي، سنڌي، سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لا سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو 1990ع کان ڪم ڪري رهيو آهي۔
 
مختصر پر جامع تعارف ۔۔۔۔

وڻندڙ شيئرنگ ۔۔۔۔ جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليء جي گرامر ۽ رسم الخط تي انگريزن جي دور ۾ سٺو ڪم ٿيو آهي۔
 
بهترين تمام سٺو اڃا وڌيڪ لکو
سنڌي ٻولي مٺڙي ٻولي، جا سانڍيم اندر ساهـ،
رسالو سائين لطيف جو، آ ڄڻ رحمت جو درياهـ،
اتي آ ڪاري اونداهـ ، جِت ناهـ ناءٌ لطيف جو۔
سنڌي ٻولي جي سِٽ، آ لعلن جي لاٽ،
لطيف جو هر لفظ آ ، چوڏهين جو چمڪاٽ،
اتي آ ڪاري ٻاٽ ، جت ناهـ ناءٌ لطيف جو۔
 
بهترين تمام سٺو اڃا وڌيڪ لکو
سنڌي ٻولي مٺڙي ٻولي، جا سانڍيم اندر ساهـ،
رسالو سائين لطيف جو، آ ڄڻ رحمت جو درياهـ،
اتي آ ڪاري اونداهـ ، جِت ناهـ ناءٌ لطيف جو۔
سنڌي ٻولي جي سِٽ، آ لعلن جي لاٽ،
لطيف جو هر لفظ آ ، چوڏهين جو چمڪاٽ،
اتي آ ڪاري ٻاٽ ، جت ناهـ ناءٌ لطيف جو۔
جي ضرور لکندس
 
Back
Top