شيرين
سينيئر رڪن
عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا،
پڏا سردار مٽجي ويا، وڏا ڀوتار مٽجي ويا!
اهو اخلاق اها الفت، اها تهذيب ڪا،
غريبن ۾ اڃا ڪجهه آهه پر زردار مٽجي ويا!
ويو ويچارو سچ ڪم ٿي، رڳوئي ڪچ وڪامي ٿو،
لچي ويا وير واپاري ۽ خود واپار مٽجي ويا!
پتل کي سون سمجهن ٿا، چون ٿا هيرو شيشي کي،
ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا!
جي ليلا اڄ هجي ها ور مٽي ها ڪين مڻين تي،
قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا!
پروان تي ڀلا ڪهڙيون ميارون““ طالب المولى““
هو ننڍ پڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا!
مّخدوم محمد زمان“ طالب المولى“