دنيا جي هر نظريي هر فلسفي، هر انقلاب ۽ هر انقلابي کي چڱي طرح ڄاڻ هجڻ ضروري آهي. ان ضرورت کي محسوس ڪندي قادر جوڻيجي دنيا جي چئن عظيم انقلابين هوچي منھ (ويٽنام)، پئبلو نرودا (چلي)، ڪم چي ها (ڪوريا) ۽ بوبي سئنڊس (آئرلينڊ) تي لکيو آهي. جيستائين انهنانقلابين تي لکڻ جي سلسلي ۾ چونڊ جو تعلق آهي ته اهي چارئي هن ويجھڙي دور جا آهن. ٻي ڳالھه اها آهي ته انقلابي هئڻ سان گڏ اهي ليکڪ به آهن. پئبلو نرودادنيا جي عظيم شاعرن مان هڪ آهي جنهن کي نوبل پرائز پڻ مليو. هوچي منھ به شاعري ڪئي آهي. ڪم چي ها جو ته ڪردارئي انقلابي شاعر وارو رهيو آهي. بوبي سئنڊس پنهنجي پٺيان ڊائري ڇڏي ويو.
هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ڪوثر علي ڀٽو جي ڪيل آهي، جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران اي بُڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي لانچ ڪيو ويو
__