هڪ غزل هڪ تاثر ( 2 ) غزل ايس نسيم ميمڻ هر ڪهاڻي جو انت ضرور ٿيندو آهي جنهن معاشري ۾اسان رهون ٿا ان معاشري ۾ روز ڪيتريون ئي ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيو ۽ ڪيترين ئي ڪهاڻين جاڀيانڪ انجام پڻ ڏسون پيا، ڇو جو اسان وٽ پيار جي ٻولي سمجهڻ وارا به زماني جي اُٿاريل هٿرادو طوفان جي نظر ٿي ويا آهن۔ اهڙي ڀيانڪ انجام جي درد کي هڪ ڏات ڌڻي ئي محسوس ڪري سگهي ٿو۔ اهو سڀ ڪجھ اسان جي نئين ٽهي جي معروف شاعره ايس نسيم ميمڻ پنهنجي ڪتاب چنڊ سنڌو ۾ ، جي پنن تي منهنجي معاشري جي وکريل دردن کي گڏ ڪندي لکي ٿي۔۔۔ لکي تنهنجي منهنجي ڪهاڻي به ويندي ڪهاڻي جي ٿي ڪٿ پڄاڻي به ويندي 000 اڃان ڀي ڏکاءُ ڏاڍ ڏيندو رهي ٿو ڪُٺي ڪاتي نياڻي نماڻي به ويندي 000 لڏائڻ جون ڌمڪيون زميندار ڏين ٿا انهن کي ڏني ڪا وراڻي به ويندي 000 هينئر حق وٺڻ لاءِ عورت آ جاڳي اياڻي جا آهي ٿي سياڻي به ويندي 000 ڪُراڙو ننڍي نار آڻي نه سگهندي ظلم هر ڪا نينگرهي ڄا ڻي به ويندي 000 جڏهن جيئري پوريوهوعورت کي ويندو لکي ڳالھ ٌسنڌوٌ پُراڻي به ويندي ۔ 000
ايس نصيم ميمڻ جي شاعري جو تخيل تمام سٺو هوندو آهي۔ سندس شاعري سنڌي معاشري ۾ ٿيندڙ مسئلن، ۽ برائين جي عڪاسي ڪري ٿي۔۔۔۔۔