توهان کي گهرجي ته رڳو ڪو لنڪ لڳائڻ بجاءِ مفصل مضمون سنڌ سلامت تي به لڳايو هيٺان پنهنجي بلاگ جو حوالو ڏيو ۽ ڪرڻ سان گوگلنگ ۾ پڻ توهان جو مواد آساني سان ڳولي سگهبو۔۔۔ پر جي اهو ممڪن نه هجي ته پنهنجي مضمون جو ٻن چئن سٽن ۾ تت لڳايو يا وري منڍ واري پيراگراف جو ڪجهه حصو لکي هيٺان لکندا ڪريو ته وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏنل لنڪ تي اچو۔۔۔ ڇو ته مون کي خدشو آهي ته صرف لنڪ لڳائڻ سان دوست توهان جي ڏنل لنڪ کي نظر انداز ڪري سگهن ٿا۔۔۔ اهڙي طرح توهان جون اهم تحريرن به خاص فائدو نه ڏئي سگهنديون۔۔۔ خير بلاگ کي خوبصورت بنائڻ جي تفصيلي ونڊ... ڀلي لڳي۔۔۔ يقينن انهن ڳالهين تي عمل ڪندي اسان جا بلاگر دوست پنهنجي بلاگز کي خوبصورت بنائڻ سان گڏو گڏ معياري به بڻائيندا.. ائين فيس بوڪ پروفائيل ٺاهيندڙن کي پنهنجو پنهنجو بلاگ به ٺاهڻ جو شوق جاڳندو... اها ئي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي اصل منزل آهي...
اوهان جي بلاگ جو ڀيرو ڀريم ۽ سچ پڇو ته اوهان جون ڪارائتيون ڳالهيون پڙهي اسان جهڙا بلاگ سيکڙاٽ پاڻ ۾ حوصلو محسوس ڪري رهيا آهن۔ اميد ته سنڌ سلامت تي ساڳيو ليک مڪمل طور به موڪليندا، جيئن دوست مڪمل پڙهي ان مان فائدو حاصل ڪن۔ لک ٿورا ۔۔۔ اميد ته هي سلسلو جاري رهندو۔