محترم سائين شمشير الحيدريءَ جو هي نظم ارپيان ٿو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي ...!!! ******** زبان گونگي، اکين ۾ ڳوڙها، ڪنن ۾ گولين جي گونج آهي، هي ڪير آڪاس ڏي اڏاڻو، اداس صدين جي سونجهه آهي، هوا ۾ بارود جي ڌماڪن جي تيز بو، گهٽين ۾ بيهوش آهي خوشبو؛ سڄي شهر جي دلين دماغن ۽ ساه سينن ۾ مونجهه آهي. انڌيري اڌ رات ۾ ٻُريا ٿي جي سڏ ٻڙاڏا، اهي يڪا يڪ الوپ ٿي ويا؛ وڇڙيل پنهنجي ولر کان مڪار مارين، بيقصور ماري، اڪيلي ڪينجهر جي ڪونج آهي.
زبان گونگي، اکين ۾ ڳوڙها، ڪنن ۾ گولين جي گونج آهي،هي ڪير آڪاس ڏي اڏاڻو، اداس صدين جي سونجهه آهي،هوا ۾ بارود جي ڌماڪن جي تيز بو،گهٽين ۾ بيهوش آهي خوشبو؛سڄي شهر جي دلين دماغن ۽ ساه سينن ۾ مونجهه آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ سائين شمشير اسان سڀني جي احساسن جي نمائندگي ڪري ويو آهي۔