• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي کي ارپنا ... شمشير الحيدري جي زباني

نثارابڙو

نائب منتظم
382002_10151275830933948_563808179_n.jpg


محترم سائين شمشير الحيدريءَ جو هي نظم ارپيان ٿو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي ...!!!
********
زبان گونگي، اکين ۾ ڳوڙها، ڪنن ۾ گولين جي گونج آهي،
هي ڪير آڪاس ڏي اڏاڻو، اداس صدين جي سونجهه آهي،
هوا ۾ بارود جي ڌماڪن جي تيز بو،
گهٽين ۾ بيهوش آهي خوشبو؛
سڄي شهر جي دلين دماغن ۽ ساه سينن ۾ مونجهه آهي.

انڌيري اڌ رات ۾ ٻُريا ٿي جي سڏ ٻڙاڏا،
اهي يڪا يڪ الوپ ٿي ويا؛
وڇڙيل پنهنجي ولر کان مڪار مارين، بيقصور ماري،
اڪيلي ڪينجهر جي ڪونج آهي.
 
زبان گونگي، اکين ۾ ڳوڙها، ڪنن ۾ گولين جي گونج آهي،
هي ڪير آڪاس ڏي اڏاڻو، اداس صدين جي سونجهه آهي،
هوا ۾ بارود جي ڌماڪن جي تيز بو،
گهٽين ۾ بيهوش آهي خوشبو؛
سڄي شهر جي دلين دماغن ۽ ساه سينن ۾ مونجهه آهي.
ائين پيو لڳي ڄڻ سائين شمشير اسان سڀني جي احساسن جي نمائندگي ڪري ويو آهي۔​
 
Back
Top