• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تڪليفن جو ازالو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن

ٻالڪ ٻڍڙي وات آ تنهنجو نام،
او سنڌڙي! صبح توڙي شام.
مُلن منڪر، ديسي دلالن رُلايو،
پر اسان نه آزاديءَ کي هو ڀُلايو،
سگھو وجھنداسين وات سڀني جي لغام،
او سنڌڙي! صبح توڙي شام.
هاڻي جلدي ختم هي ظلمستان ڪريو،
مون تي معافي جو احسان ڪريو،
قبر مان روئي چوي پيو قادو حجام،
او سنڌڙ! صبح توڙي شام.
سنڌڙي پيت خاطر تنهنجا سڏائيندڙ،
مڙسي وارو ميدان ڇڏي پاڻ پڏائيندڙ،
بي حيائي سان ٿيو وتن گونگا ۽ گمنام،
او سنڌڙي! صبح توڙي شام.
سڀني تڪليفن جو ٿيندي ازالو ڏسي،
يا سموري سنڌ کي اٻالو ڏسي،
آزاديءَ لاءِ آزادي جو ٿو پيان جام،
او سنڌڙي! صبح توڙي شام.
راهه تنهنجي تي جي مرڻ مقدر ٿئي،
۽ اِهو جي جلدي ٿيڻ مقدر ٿئي،
پوءِ ”حڪيم“ سڃاتم رب ۽ رام،
او سنڌڙي صبح توڙي شام.
 
Back
Top