• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرڪش سنڌيءَ تي ڪيس داخل۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
091103115642_sarkash_sindhi283.jpg

هي خبر بي بي سي تي آئي آهي، جنهن مطابق امر سنڌو مٿس ڪيس داخل ڪرايو آهي،
تفصيل مطابق سندس مٿان اهو الزام هنيو ويو آهي ته هن هندو مسلم فسادات ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
http://www.bbc.co.uk/urdu/pakistan/2009/11/091103_poet_alleged_as.shtml

خبر کي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي

سرکش سندھی کے خلاف مقدمہ
نثار کھوکھر


سنڌ صوبي ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪرڻ واري تنظيم جي ڪجهه اڳواڻ عورتن جن ۾ ليکڪ امر سنڌو پڻ شامل آهي، اُنهن مشهو سنڌي شاعر
سرڪش سنڌيءَ تي هڪ ڪيس داخل ڪرايو آهي.

تنظيم وومين ايڪشن فورم پوليس کي درخواست ڏني ته شاعر سرڪش سنڌي پنهنجي نئين مُتنازعه ڪتاب جيڪا سندس حياتي تي لکيل آهي
۾
هڪ مُسلمان عورت جا هڪ غير مُسلم نوجوان سان دوستيءَ وارا لاڳاپا ڄاڻائي غيرت مند مُسلمانن کي اپيل ڪئي آهي ته هو اُنهيءَ غير مُسلم نوجوان کي قتل ڪن..

وومين ايڪشن فورم جي رهنما بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته سرڪش سنڌي هڪ ذاتي مسئلي کي هندو مُسلم فسادات ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي سندس مطابق ته انهن جي تنظيم شاعر کي سمجهائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پر شاعر کين مولوين جي جُلوس جي ڌمڪي ڏني.
لاڙڪاڻه پوليس جي سربراهه عرفان بلوچ جو چوڻ آهي ته پوليس عورتن جي تنظيم جي درخواست تي سرڪش سنڌيءَ خلاف اقدامِ قتل، مذهبي مُنافرت ڦهيلائڻ ۽ عورتن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو مُقدمو داخل ڪري سندس گرفتاريءَ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي..
سرڪش سنڌي ويجهڙ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا جو ٻيون حصو ڇپرايو آهي، جنهن ۾ اُن ٻه مُتنازعه واقعا پڻ لکيا آهن۔۔۔۔ سرڪش سنڌي پنهنجي ڪتاب ۾ اعتراف ڪيو آهي ته اُن عاشق غير مُسلم نوجوان سريچند کي واجب القتل قرار ڏنو آهي، ۽ غيرت مند مُسلمانن کي اسلامي غيرت جي پُڪار جي نالي سان پمفليٽ گهوٽڪي ضلعي ۾ تقسيم ڪيا آهن، جتي اُهو غير مُسلم ڇوڪرو رهائش پذير آهي۔
۽ اُنهيءَ پمفليٽ ۾ شاعر نوجوان جو نالو ۽ ايڊريس پڻ لکي اهي ٻڌايو آهي ته اِنهيءَ جا هِڪ شادي شُده مُسلم عورت سان لاڳاپا آهن ۽ سندس نظر ۾ واجب القتل آهي، پمفليٽ جي تقسيم ڪرڻ کان پوءِ شاعر لکيو آهي ته اُهو غير مُسلم نوجوان سريچند هتان لڏي چُڪو آهي ۽ سندس وس ۾ هُجي ها ته گهڻو عرصو پهرين کيس قتل ڪرائي ڇڏي ها۔
وومين ايڪشن فورم جي رهنما عورتن اِهو پڻ مطالبو ڪيو ته اِنهيءَ ڪتاب تي صوبه سنڌ ۾ پابندي هنئي وڃي ۽ سڀ ڪاپيو تلف ڪيون وڃن۔
بي بي سي مطابق شاعر سرڪش سنڌي هڪ عُمر رسيده شاعر ۽ ڪينسر جو مريض آحي ۽ اُن جون ڇهه ڪتابون شايع ٿي چُڪيون آهن ۽ هو بظاهر ترقي پسند ادبي تنظيمن جو ميمبر آهي پر سندس هاڻوڪي تحرير سندس حليف ۽ حريف ٻنهي حلقن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي
sindhsalamatsaathsal
 
ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان هي پيغام پيو اچي:

ہمیں افسوس ہے کہ مندرجہ ذیل صفحہ دستیاب نہیں ہے۔ برائے مہربانی ایڈریس اور سپیلِنگ ایک بار پھر دیکھ لیں، اور یقین کر لیں کہ ان میں کوئی کیپِٹل حروف یا خالی جگہیں نہیں ہیں۔ ممکن ہے کہ آپ جس صفحہ کی تلاش کر رہے ہیں اس کا ایڈریس بدل گیا ہو، اسے اپ ڈیٹ یا ضائع کر دیا گیا ہو۔ برائے مہربانی اس صفحہ کے لیے 'سرچ‘ کا استعمال کریں۔ صفحہ کے اوپر 'نیوِگیشن بار‘ کا استعمال کریں یا ہماری سائٹس اور خدمات کا تفصیلی مطالعہ کریں۔ بی بی سی اردو ڈاٹ کام پر جائیں۔ ہمیں اپنا ردعمل بھیجیں
 
ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان هي پيغام پيو اچي:

ہمیں افسوس ہے کہ مندرجہ ذیل صفحہ دستیاب نہیں ہے۔ برائے مہربانی ایڈریس اور سپیلِنگ ایک بار پھر دیکھ لیں، اور یقین کر لیں کہ ان میں کوئی کیپِٹل حروف یا خالی جگہیں نہیں ہیں۔ ممکن ہے کہ آپ جس صفحہ کی تلاش کر رہے ہیں اس کا ایڈریس بدل گیا ہو، اسے اپ ڈیٹ یا ضائع کر دیا گیا ہو۔ برائے مہربانی اس صفحہ کے لیے 'سرچ‘ کا استعمال کریں۔ صفحہ کے اوپر 'نیوِگیشن بار‘ کا استعمال کریں یا ہماری سائٹس اور خدمات کا تفصیلی مطالعہ کریں۔ بی بی سی اردو ڈاٹ کام پر جائیں۔ ہمیں اپنا ردعمل بھیجیں

توهان جي سهولت لاءِ مان خبر سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڏئي ڇڏي آهي۔۔ وري پڙهو
 
Back
Top