اڄوڪو ڏينهن 4 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 4 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    4 ڊسمبر 1904ع فريڊم فائيٽر مينگهه راج لالا (روهڙي /اجمير) جو جنم ٿيو.
    4 ڊسمبر 1925ع موسيقار ۽ گلوڪار هيرو هنڱوراڻي (ڪراچي / حيدرآباد دکن) جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1931ع شاعر علي محمد الهراسي جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1939ع اسٽيج ڊرامن جي ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ جڳديش لاچاڻي (پير ڳوٺ / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1939ع سياستدان سيد حسين شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1940ع اداڪار، موسيقار ۽ بانسري نواز سنتوش گاگومل ڀاڳيا (ڪراچي احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1974ع شاعر ۽ نثر نگار سردار شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1979ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ جاويد اختر جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:


    4 ڊسمبر 1963ع مذهبي اسڪالر حافظ عبدالحامد تاريچاڻي جي وفات ٿي.
    4 ڊسمبر 1972ع ليکڪ ۽ پبلشر ميلارام منگترام واسواڻي جي ديهانت ٿي.
    4 ڊسمبر 1998ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير محمد اسماعيل ڀٽو جي وفات ٿي.
    4 ڊسمبر 2000ع هاري اڳواڻ، ڪميونسٽ ڪارڪن ۽ شاعر ڪامريڊ باقر سنائي جي وفات ٿي.
    4 ڊسمبر 2012ع لوڪ فنڪاره زينت امان شيخ جو لاڏاڻو ٿيو.
    _______

    اڄوڪي ڏينهن 4 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]


    حواله:
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    _________
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لوڪ فنڪارا زينت شيخ لاڏاڻو ڪري وئي

    مشهور لوڪ فنڪارا زينت شيخ ڪسمپرسي واري زندگي گهارڻ بعد نيٺ لاڏاڻو ڪري وئي، لوڪ فنڪارا زينت شيخ ٻن سالن تائين مسلسل دماغي فالج جي بيماري جي حملي سبب بيماري جي بستري تي رهڻ ۽ سخت ڪسمپرسي واري زندگي گهارڻ بعد 4/12/2012 ڏينهن شام جو پنهنجي پٽ نورمحمد عرف بابو جي ٽنڊو محمد خان واري گهر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، سندس مڙهه کي رات دير سان ٺٽي آندو پي ويو، جنهن جي تدفين جون رسمون (اڄ)5/12/2012 ادا ڪيون وينديون ۽ سندس مڙهه مڪلي جي قبرستان ۾ قدم گاه موليٰ علي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو، مشهور لوڪ فنڪارا زينت شيخ 70 جي ڏهاڪي ۾ مختلف سنڌي ۽ اردو فلمن ۾ اهم ڪردارن جي صورت ۾ فن جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ هوءَ جهر جهنگ توڙي شادين مرادين ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ڳيچ، سهرا، ۽ گيت ڳائي پنهنجو نالو ڪمايو، هن ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي وي جي مختلف پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ سان گڏوگڏ جنگل ڊرامي ۾ راڻي جي ڪهاڻي ۽ مشهور سنڌي ڊرامي ”گهاتو گهر نه آيا“ ۾ مائي ڪولاچي جي ڪردار طور نڀائڻ کانپوءِ فن جي دنيا ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي پر زندگي جي آخري سفر ۾ ڪجهه سال اڳ معاشي بدحالي پريشاني کيس ايتري حد تائين تنگ ڪيو جو هوءَ ٺٽي جي گهٽين ۽ گلين ۾ ٻين ماڻهن اڳيان هٿ ٽنگي خيرات گهرڻ تي مجبور ٿي پئي، سندس اهڙي ڪسمپرسي واري صورتحال بابت ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ريڊيو پاڪستان جي اختيارين کيس ماهوار وظيفو ڏيارڻ توڙي ثقافت کاتي پاران سندس مالي سهائتا ڪئي وئي، زينت شيخ 2 سال اڳ فالج جي حملي سبب ٺٽي ۽ حيدرآباد جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ٿي، جتي غربت سبب سندس وارثن سندس ڳرو علاج جو خرچ برداشت نه ڪندي کيس ڪجهه ڏينهن اڳ ٽنڊو محمد خان منتقل ڪري ڇڏيو هو، ثقافت کاتي پاران سندس علاج ڪراچي جي اسپتال مان ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو پر ان تي عمل ٿي نه سگهيو. هن پونئيرن ۾ هڪ پٽ نور محمد عرف بابو ۽ هڪ نياڻي مسمات بيگو سوڳوار طور ڇڏيا آهن، ٻئي طرف ثقافت کاتي جي پڌرائي موجب سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو، سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عقيلي، ڊي جي ثقافت کاتو محمد علي مانجهي ناليواري لوڪ فنڪارا زينت شيخ جي لاڏاڻي تي گهيري ڏک جو اظهار ڪيو آهي، پونيئرن سان ڏک ونڊيو آهي، ثقافت کاتي ان سلسلي ۾ مرحومه جي علاج لاءِ هر ممڪن ساٿ پڻ ڏنو هو ۽ کاتي جا عملدار پونيئرن سان رابطي ۾ پڻ هئا، هوڏانهن زينت شيخ جي وفات تي حميد ڀٽو چيو آهي ته لوڪ فنڪارا زينت شيخ پنهنجي دور جي وڏي ناليواري فنڪارا هجڻ سان گڏ اڄ به فن جي دنيا ۾ مهان گائيڪي جي فنڪارا آهي سنڌي موسيقي جي بي تاج بادشاهه لوڪ فنڪارا هئي، مرحومه جي اڪيلي پٽ نور محمد شيخ چيو آهي ته امڙ پنهنجي پوري حياتي فن کي ارپي ڇڏي هئي، اسان کي ڏک اهو آهي ته وفات تي به اڃا تائين سرڪار جي ڪنهن به وزير توڙي عملدار سار نه لڌي آهي۔
     
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن تي جن ڀي مان وارن جنم ورتو ،انهن کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ،
    اڄوڪي ڏينهن تي جن سڄڻن رحلت فرمائي ،انهن لاءِ مغفرت جي دعا ۔
     
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
     
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اچوڪي تاريخ تي جيڪي 73 هزار مهاجر هندوستان مان پاڪستان آيا انهن مان گهڻو تعداد اچي ڪراچي پهتو۔ انهن کي لياقت علي ۽ سيد هاشم رضا بڇ ڪري برنس روڊ تي رهندڙن هندن تي حملو ڪرايو، ان وقت سنڌ جو وزير اعلى ايوب کهڙو هيو ، تنهن پوليس ۽ سيد هاشم رضا کي حملي ڪندڙن کي روڪڻ لاءِحڪم ڪيو، پر ايوب کهڙي جي ڪنهن به ڪو نه ٻڌي ،۽ موٽ ۾ چيو ته اسان کي لياقت جو حڪم آهي ته حملي ڪند ڙن جي مدد ڪريو نه ڪي هندن جي ۔ ان کان پوءِ ايوب کهڙو ،پنهنجي رائيور سميت اڪيلي سر پنهنجي ذاتي پسٽل سان هوائي فائرنگ ڪري ،حملي ڪندڙن کي ڀڄايو، ان واقعي کان پوءِ هندن اچي ڊپ پيدا ٿيو ،اهڙي طرح لياقت هٿرادو خوف پيدا ڪري ،هندن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيئي انهن جي ڪروڙين رپين جي املاڪ کي مال غنيمت سمجھي لکين بدمعاشن جي وچم رڳو ڪوڙن ڪليمن جي آڌار تي وراهيون ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان واقعي کان پوءِ وڌ کان وڌ مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ جڏهين ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي ايوب کهڙي جي وزارت ختم ڪري ڇڏي ۔اعوب کي وڏ وزارت تان هٽائڻ کان پوءِ وري پير الاهي بخش کي وڏو وزير ڪري وڌ کان وڌ مهاجرن کي آبادڪرائڻ جو ڪم ورتو ۽ پير الاهي بخش ڪالوني ان ٺهرائي مهاجرن کي آباد ڪرائڻ جي گوءِ کٽي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 4 ڊسمبر 1947 تي سوا لک مسلمان مهاجر هندستان مان لڏي پاڪستان آيا جن مان اڪثريت سنڌ ۾ آباد ڪئي وئي۔
     
  8. بهزاد سنڌي

    بهزاد سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    دادو شهر، ضلعو دادو سنڌ
     
  9. بهزاد سنڌي

    بهزاد سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    دادو شهر، ضلعو دادو سنڌ
    چانڊيا صاحب اهڙن معاملن تي سنڌ سرڪار تحقيقات ڪرائي انهن کان ملڪيتون واپس وٺي سنڌين حوالي ڪرڻ بجاءِ پاڻ انهن جي پهريداري پئي ڪري جيڪو ٻڏي مرڻ جو مقام آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو