سنڌ کي هڪ گانڌي گهرجي 1301 اٽيچمينٽ ڏسو امان ميمڻ سنڌ اڄ جن حالتن مان گذري پئي تن ۾ سنڌ جي حقيقي سڄڻن جو ڪم اهو هئڻ گهرجي ته هو سنڌي عوام ۾ ڇڙوڇڙائپ ۽ بيگانگي پيدا ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي وحدت لاءِ جدوجهد ڪندڙ مڙني ڌرين کي نه رڳو همٿائن بلڪ انهن جا ساٿاري بڻجن. تڪراري نظام جي خالقن ۽ مخالفن کي ساڳئي پُـڙ ۾ تورڻ جو مقصد حالتن کي جيئن جو تيئن رکڻ کان سوا ٻيو ڇاٿو ٿي سگهي؟ ظاهري طرح اهڙا تجزيا اڻڌريا اڀياس لڳن ٿا پر پنهنجي جوهر ۾ اهي حالتن کي جيئن جو تيئن رکڻ(اسٽيٽس ڪو) جي حق ۾دليلبازي ڪندا محسوس ٿين ٿا. حالتن کي جيئن جو تيئن رکڻ جواصل مقصد لوڪل باڊيز واري بل جي حمايت ڪرڻ کان سوا ٻيو ڪجهه به ٿي نه ٿو سگهي. ڪنهن کي آمريڪا جو ايجنٽ چوڻ ته وري ڪنهن کي اسٽيبلشمينٽ جو؛ ڪنهن کي پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جو ڪمدارڪري سڏڻ ته وري ڪنهن کي پنجاب جو واٺو چوڻ اصل ۾نوان بحث ڇيڙي، تڪراري بل واري معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ ئي آهي. انھيءَ ڪري سنڌ جي مڙني ساڃاهوندن کي اها اپيل آهي ته هو شعوري يا لاشعوري طور هن ڪاري قانون خلاف هلندڙ جدوجهد جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍڻ بجاءِ هن ڏکئي وقت ۾ سنڌي عوام جا ساٿاري بڻجن. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ گذريل ڇهن ڏهاڪن کان جهڙي قسم جي سياست ٿي رهي آهي ان ۾ ڪنهنجو دامن پاڪ صاف ٿي سگهي ٿو؟ انهيءَ ڪري هڪ ٻئي کي لوئڻ مان ڪجهه هڙ حاصل ڪونه ٿيندو ۽ اسان پاڻ کي ماضيءَ جي مونجهارن ۾ منجهائي هڪ ڀيرووري پنهنجو حال خراب ڪري وجهنداسين. منهنجي خيال ۾ لوڪل باڊيز واري تڪراري بل کان پوءِ سنڌ جي سياست جا نوان محرڪَ سامهون آيا آهن جن قومي ۽ طبقاتي سوال تي سڌي يا اڻسڌي طرح نئون بحث ڇيڙي وڌو آهي. سنڌي ماڻهن ذري گهٽ اڌ صدي، پيپلز پارٽيءَ جهڙي وفاقي جماعت پويان ان اميد تي وڃائي ته پيپلز پارٽي سندن ڪيس وفاقي ايوانن ۾ ايمانداريءَ سان وڙهندي. پر ائين ڪونه ٿيو. پيپلز پارٽي سنڌ ۽ سنڌين جو ڪيس وڙهڻ بدران سنڌ جو ڪارڊ استعمال ڪري پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ ۾ لڳي رهي. انهيءَ پسمنظر ۾ سوال اهو ٿو اٿي ته سنڌي ماڻهو نيٺ ڇا ڪن؟ بهترته ائين ٿيندوجو مڙئي سنڌ دوست، وفاقي ۽ قومي سطح جون پارٽيون ملي ڪو سياسي اتحاد جوڙي وجهن جنهنجو بنيادي نقطو سنڌ جي وحدت ۽ سنڌي ماڻهن جي مفادن لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ هجي. اتحاد ۾ شامل هر پارٽي انهيءَ اصول تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهي ته جيڪا به ڌر سنڌ جي وحدت ۽ سنڌي عوام جي مفادن تي سوديبازي ڪندي انهيءَ پارٽيءَ جي پت وائکي ڪئي ويندي. اُهي دوست جيڪي طبقاتي جدوجهد ۾ يقين رکن ٿا انهن جو خيال آهي ته سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ ڪنهن به وڏيري، پير، مير يا ڀوتار جو ڪو واسطو نه هئڻ گهرجي، ڇو جو اهي طبقا تواريخي طور غدار رهيا آهن. ڳالهه ۾وزن ته آهي! پر منهنجو سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ جو مسئلو هڪ رخو آهي؟ جي نه ته پوءِ حڪت عملي به گهڻپاسائين هئڻ گهرجي. اهڙي گهڻپاسائين جهڙي مهاتما گانڌي هندستان جي آزادي واري جدوجهد دوران اختيار ڪئي هئي. گانڌي جو ڪمال اهو هئو ته هن هڪ ئي وقت نه رڳو ڀارت جي هيٺين ذات جي پيسجندڙ طبقن بلڪ مٿين ذات جي هندن، مسلمانن، سکن، رجعپرست راجائن ۽نوابن کي ساڻ کڻي هليوپر بدنام زمانه بورجوازي ۽ پيٽي بورجوازي طبقن يعني صنعتڪارن ۽ سيٺين کي پڻ ساٿاري بڻائي هڪ شاندار قومي تحريڪ جوڙي ورتي. ڏٺو وڃي ته گانڌي ننڍي کنڊ جو هڪ نرالو اڳواڻ ھئوجيڪو پنهنجي بيمثال گُـڻن جي باوجود ڪن ماڻهن لاءِ تڪراري هئو. اهو ئي سبب هو جو ڪي کيس ڪَٽو (ڪٽر) هندو ته ڪي وري کيس مسلمانن جو ايجنٽ سمجهي ساڻس نفرت ڪندا هئا. ڪن جي خيال ۾هو پوڄا لائق ڪووڏوسنت هو. محمد علي جناح، ٽيگور ۽ ڪيئي ٻيا هن کي رجعت پسند مذهبي ماڻهو چئي تنقيد جو نشانو بڻائيندا هئا ۽ چرچل کيس ‘اڌ اگهاڙو فقير’ چئي ٽوڪيندو هئو. پر هو، پنهنجي ذات جي انهن مڙني تڪراري پاسن جي باوجود هڪ نقطي تي بلڪل چٽو ۽ اڻتڪراري هئو ۽ اهو هئو ڀارت جي آزادي وارو نقطو. اڄ سنڌ به گانڌيءَ جهڙي هڪ رهبرجي ڳولا ۾ آهي جيڪو پنهنجي ٻين حوالن سان ڀل کڻي تڪراري به ڇو نه هجي پر سنڌ جي وحدت ۽ سنڌين جي مفادن واري نقطي کي پنهنجي ايمان جو حصو سمجهندو هجي. جيئن گانڌيءَ ڀارت جي ٽڙيل پکڙيل، اڻٺهڪندڙ ۽ پاڻ ۾ جهيڙيندڙ ايڪاين کي ‘سواج’ جي هڪ نڪتي تي گڏ ڪري هڪ تحريڪ کي جنم ڏنوتيئن سنڌ ۾به ڪو سورمو پيدا ٿي پوي جيڪو گانڌيءَ جيان سنڌ جي ڇڙوڇڙ، اڻٺهڪندڙ ۽ پاڻ ۾ جهيڙيندڙسياسي قوتن کي، سنڌ جي تهذيبي، ثقافتي ۽ انتظامي وحدت لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري ايجنڊا تي گڏ ڪري هڪ تحريڪ کي جنم ڏئي. مهاتما گانڌي پنهنجي مذهبي عقيدي جي حوالي سان هڪ ڪٽر آريائي هندو هئو، جنهنجو ذات پات جي نظام ۾ پڪو پختو ايمان هئو. اها ته اسان سڀني کي خبر آهي ته هندن جي ذات پات جي نظام تحت شودر ذات وارن جي سماجي حيثيت غلامن کان به بدترآهي. اعليٰ ذات جي هندوءَ جو ڪنهن شودرسان ڪوسماجي يا سياسي لاڳاپو قائم ڪرڻ ته رهي پري جي ڳالهه پر جي ڪنهن شودر جو ڪنهن اوچي ذات جي هندوءَ مٿان پاڇو به پئجي ويو ته وڏو ممڻ مچي پوندو. پوين ڏينهن ۾ مون هندستان جي راجسٿان صوبي جي حوالي سان هڪ خبر پڙهي هئي، جنهن مان پڙهندڙن کي اهو اندازو ٿيندو ته هندو سماج ۾ ذات پات جي مسئلي جي ڪهڙي اهميت اهي. اها خبر ڪجهه هيئن هئي ته ڪنهن هيٺينءَ ذات جي هندوءَ ڪنهن اوچي ذات جي هندوءَ جي ڪُتي کي مانيءَ ڳڀو کارايو. انهيءَ تي مٿين ذات واري همراه وٺي گوڙ ڪيو ته هن ڪمذات منهنجي ڪتي کي پنهنجي هٿ سان ماني کارائي پليت ڪري وڌو آهي. جنهن ملڪ ۾ ماڻهن جي وچ ۾ سماجي لڳاپا ان نوعيت جا هجن ته پوءِ اهي ماڻهو ڪيئن گڏجي هڪ قوم جي حيثيت سان جدوجهد هلائي هڪ قومي رياست قائم ڪري ٿي سگهيا! اها هڪ وڏي چيلينج هئي جيڪا گانڌيءَ قبول ڪري ورتي. پوءِ هو نه رڳو شودرن جي رهبر ڊاڪٽر ايمبڊڪر سان اسٽيج تي گڏ ويهي جلسن ۾ شرڪت ڪندو هئو بلڪ شودرن جي آبادين ۾ وڃي سندن ڪاڪوس خانا صاف ڪندو هئو. هتي اهو وسارڻ نه گهرجي ته ذات پات جي نظام ۾ ويساه رکڻ گانڌيءَ جي ايمان جو آڻٽر جزو هئو پر هن شخص هندستانين کي هڪ قوم بڻائڻ خاطر پنهنجي مذهبي عقيدي کي پاسيرو ڪري رکيو. گانڌيءَ جي انهيءَ رويي هندستان جي اڻٺهڪندڙ سماجي طبقن کي ملائي هڪ تحريڪ جو حصو بڻائي وڌو. گانڌي، هڪ طرف هيٺينءَ ذات جي هندن کي پنهنجي شاندار حڪمت عمليءَ سان قومي ڌارا ۾ وٺي آيوته ٻئي طرف هن هندستان جي بورجوازي طبقي جهڙوڪ صنعتڪارن ۽ سيٺين کي پڻ قومي تحريڪ جو حصو بڻايو.گانڌيءَ جي سياست ۾ اچڻ کان اڳ، 1905 عيسوي ڌاري، هندستان ۾ سو ديشي نالي هڪ تحريڪ شروع ٿي هئي. جنهنجو بنيادي مقصد غيرهندستاني شين، خاص ڪري برطانوي شين جومڪمل بائڪاٽ ڪرڻ ۽ انهن جي جاءِ تي هندستاني شين جي استعمال کي رواج ۾ آڻڻ هئو. 1920 عيسوي ۾ جڏهين گانڌيءَ، برطانيه خلاف عدم تعاون جي تحريڪ شروع ڪئي ته هن سوديشي تحريڪ جي انهيءَ اصول کي آڏو رکندي برطانوي شين جو واهپو بند ڪرڻ ۽ انهن جي جاءِ تي صرف هندستاني شين جي واهپي جو اعلان ڪيو. ان تحريڪ جي نتيجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي وديشي شين کي شهرن جي چوڪن تي ساڙڻ جو نرالو احتجاج رواج ۾ آيو جيڪو ملڪگير سول ڊس اوبيڊينس تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو. انهيءَ تحريڪ جي نتيجي ۾ گانڌي پاڻ ايئٽ تي ڌاڳو ڪَتي ان مان هٿ جي آڏاڻي تي ڪپڙو اُڻي پائيندو هئو. انهيءَ تحريڪ هڪ طرف قومي صنعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ راه هموار ڪئي ته ٻئي طرف قومي صنعتڪار کي پڻ تحفظ جو احساس ڏياريو، جنهنجي نتيجي ۾هندستان جو بورجوازي ڪلاس قومي بورجوازي طبقو بڻجي سامهون آيو. عام طور تي جڏهين ڪا قوم، بيٺڪي راڄ خلاف جدوجهد ڪندي آهي ته انهيءَ جاکوڙيندڙ قوم جو بورجوازي طبقو پنهجي قوم جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ عالمي سامراج جو ساٿاري بڻبو آهي. پر هندستان ۾ گانڌيءَ جي ان تحريڪ جي نتيجي هندستان جي بورجوازي ڪلاس عالمي سامراجيت جو چيلو بڻجڻ بجاءِ قومي نوآبادياتي تحريڪ جو دستو بڻيو. ٽاٽا، برلا، وديلال لالوڀائي، سيميول ايرون، والچند هيراچند، لال شنڪر لال ۽ بجاج جهڙا مشهور سرمائيدار يا ته ڪانگريس ۾ شموليت آختيار ڪري قومي تحريڪ جو حصو بڻيا يا وري ميمبر بڻجڻ کان سوا هڙئون ۽ وڙئون ڪانگريس جي مدد ڪري آزادي واري تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا. 1928 عيسويءَ ۾، فيڊريشن آف انڊين چيمبرس آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر، سر پرشوتم داس پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان پنهنجي طبقاتي مفادن کي قومي مفادن کان الڳ نه ٿا ڪري سگهون. انهيءَ ڪري اسان پنهنجن طبقاتي مفادن کي قومي مفادن سان سلهاڙيندي قومي تحريڪ جو حصو بڻجون ٿا. ان کان پوءِ دنيا ڏٺو ته گانڌي جي انهيءَ قومي ۽ عوامي تحريڪ ڪيئن آزادي جي منزل ماڻي. هن وقت سنڌ جن حالتن مان گذري پئي اها ڪا آزادي جي جدوجهد ته ڪونهي پرپاڪستان جي رياستي ڍانچي ۾ سنڌ جي سياسي شناخت ۽جاگرافيائي وحدت برقرار رکڻ جي هڪ اڻانگي جدوجهد آهي. اها جدوجهد تيستائين منزل مقصود تائين ڪونه رسي سگهندي جيستائين سنڌ جون مڙئي ڌريون پنهنجا ويڇا وساري سنڌ جي وحدت واري انهيءَ ايجنڊا تي هڪ مُٺ نه ٿيون ٿين. پيپلز پارٽيءَ جي ويساگهاتيءِ کان پوءِ ظاهري طرح ته ڪا اهڙي پارٽي يا شخصيت نظر ڪونه ٿي اچي جيڪا سنڌ جي مڙني ڌرين کي ساڻ کڻي ڪنهن تحريڪ کي جنم ڏئي. اڄوڪين حالتن ۾ جيڪڏهين ڪا ٿوري گهڻي آس رکي سگهجي ته اها هاڻوڪي پيرپاڱاري مان ئي رکي سگهجي ٿي. ڇوجو: 1. موجوده پير پاڱارو، جنهن نموني ڪاري قانون خلاف پير جهلي بيٺو آهي ان مان لڳي ٿو ته پير صاحب جي سياست جومرڪز ۽ محور سنڌ آهي. 2. پير صاحب واحد سياسي اڳواڻ آهي جيڪوقومي ۽ وفاقي سياست ڪندڙن ڌرين لاءِ قابل قبول ٿي سگهي ٿو. 3. پير صاحب وارن جا اسٽيبلشمينٽ سان جيڪي پراڻا واسطا آهن، اهي هو سنڌ ۽ سنڌين جي مفاد لاءِ ڪتب آڻي سگهي ٿو. 4. اهي سنڌ دشمن قوتون جيڪي پنهنجي مليٽنٽ ونگ جي ڪري سڀني کي بليڪ ميل ڪيون ويٺيون آهن انهن لاءِ پير سائين جا حر ڪن سيءُ بڻجي سگهن ٿا. جنهنجي نتيجي ۾ ساڻن برابري جي بنياد تي معاملا طئي ڪرڻ جا در کلي سگهن ٿا. مٿين ڏنل مڙني دليلن جي روشنيءَ ۾ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته گانڌيءَ جيان، جيڪڏهين ڪو سنڌ جي ڇڙوڇڙ ٿيل سياسي ڌرين کي گڏ ڪري، سنڌ جي وحدت لاءِ جاکوڙيندڙ وسيع اتحاد قائم ڪري سگهي ٿو ته اهو موجوده پير پاڳارو ئي آهي. اسان کي قوي اميد آهي ته پير سائين پنهنجي ڏاڏا سائين جي نقش قدم تي هلندي، منتشر سياسي قوتن کي سهيڙي، سنڌ جي وحدت لاءِ ٿيندڙ هن جدوجهد جي سرواڻي ڪندو. اسان کي ان ڳالهه جو سو سيڪڙو يقين آهي ته جيڪڏهين پير سائينءَ اهو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو ته سنڌ جو عوام پير سائين جي هر سڏ تي سندس فقيرن جيان لبيڪ چوندو.
ليکڪ جي هن سڄي مضمون جو محور پير صاحب پاڳارو آهي ۽ هو ان کي ئي گانڌي سمجهي رهيو آهي۔ ڪاش ائين ٿئي، اسان به ساڳيون اميدون پيا رکون ۔۔۔ پر ماضي کي ڏسون ته نتيجا سٺا نه رهيا پر ايندڙ اليڪشن ٻڌائيندي ته ڇا صحيح آهي، ڇا غلط آهي۔