ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
سچ ٿو چوين
زندگي جو رشتو نڪتو فرضي
دل جون حسرتون پامال ٿيون
ڪئي اميدونٿيسوال ويون
۽
ٿيوايون بتال ويون
گهڻي دير تائين سوچيندو رهيس
اهو منهنجو ڪٿي گمان ته ناهي؟
هُن ڪيو مذاق ۾ پريشان ته ناهي؟
يا ماڻهن ڪيو بدگمان ته ناهي؟
پر
جڏهن اعتبار ٽٽن ٿا
موت کان وڏا سور ٿين ٿا
پل پل ۾ درد اڀرن ٿا
اڃان هڪ لڙڪ اُگهي بس ڪجن
ته
وري ڳل پُسن
ڄڻ ڪي ساه ٽُٽن
هي پيڙاءُ ڪنهن کي ڏيکاريان؟
هي درد ڪنهن سان ونڊيان؟
هن جو قصاص ناهي ڪو؟
سواءِ ان جي احساس ناهي
هي اهو ئي سمجهي ٿو
جو هن درد مان گذري ٿو
ڏاڏل اهو منهنجو قصور آهي
مون منجھ سمجهيو
هُو ڏُور هو
اڄ اعتبار روئيندو رهيو
۽
اهو چوندو رهيو
ڇا ائين به ٿيندو آهي؟