ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هن پاڻي جي بوندن جي به ڪهڙي قسمت آهي۔۔؟ اسان کي پاڪ ڪندي ۔۔ اسان جي ناپاڪي کڻي وڃي ڪنهن نالي سان ملنديون آهن۔۔ پر جڏهن غور ڪيم ته خبر پئي ته ۔۔ اها نالي به ته ڪاٿي نه ڪاٿي وڃي ڪنهن ندي يا درياء سان ملندي هوندي۔۔ ۽ جيئن ئي هو ڪنهن وهندڙ ندي يا دريا سان ملندي هوندي۔۔ ته اهي پاڻي جون بوندون هڪ دفعو وري پاڪ ٿي وينديون آهن۔۔۔ اهڙي طرح اهي بوندون ندي يا درياء يا سمنڊ سان ملندي ئي وسيع ٿي وينديون آهن۔۔ ۽ پنهنجي انتها کي پهچنديون آهن ۔۔ مطلب اهي بوندون ناپاڪي هٽائڻ جو ڪم ڪندي سمنڊ بڻجي وينديون آهن۔۔۔ سمجهه ۾ آيو ته جيڪو ٻين کي پاڪ ڪندو اهو ۔۔ عارضي وقت لاءِ ناپاڪ سهي پر ان سفر تي رهيو ته ان جو انجام پاڪائي ۽ وڏائي جي انتها هوندو۔۔۔ ساڳيو مثال اسان تي به ٺهي ٿو۔۔ ته جيڪڏهن اسان ڪنهن جي خدمت ڪنداسين ته بظاهر ٿوري پريشاني ٿيندي پر جيڪڏهن اهو سفر جاري رکيو ته ٿي سگهي ٿو الله تعالى پنهنجي پيارن ۾ شمار ڪري اسان جا سڀ ڏک ڏولاوا ڏور ڪري ڇڏي۔۔ ۽ پنهنجي فضل جي ٻاجهه ڪري۔۔۔ حاصل مطلب: ظاهري پريشانين سان گهٻرائي ڪري پنهنجو نيڪي جو سفر روڪي نه ڇڏن گهرجي۔۔ جو توبهه جو دروازو هميشه کليل رهندو آهي۔۔
جزاڪ الله ۔ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ نيڪيءَ جو ڪم ۽ پڇ پڇا ؟؟؟؟ مطلب جڏهن نيڪيءَ ڪرڻ جو وقت اچي ته سوچڻ يا پڇڻ نه گهرجي، ”نيڪي ڪرڻ ۾ دير ڪهڙي“ ۔۔۔ لطيف سرڪار فرمايو آهي ته؛ هلندي هوت پنهل ڏي کهجن ڪي کوٽيون ۔۔۔ نيڪي ڪرڻ جي عمل ۾ ڪي کوٽا ئي کامي ويندا آهن، باقي سٺا انسان هميشه پنهنجي وس ۽ وت آهر ڀلائي ڪندا رهندا آهن ۔۔۔ نيڪي ڪا اها ناهي ته اوهان جبل ڏاري وجهو پر نيڪي اها به آهي ته اوهان، رستي تان ڪو ڪنڊو کڻي پري ڪري رکو ته متان ڪنهن جاندار کي ڏکائي ۔۔۔ جيڪو ماڻهون نيڪي ڪري نٿو سگهي اهو سماج لئه مئل ۽ ڌپيارو جانور آهي ۔۔۔ تمام سهڻو ليک ۔۔۔