• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڀ ياد اٿم سڀ ياد اٿم

سجاد علي سومرو

سينيئر رڪن
ڪنهن مرڪ ڏني ڪنهن تير ڏنا
سڀ ياد اٿم سڀ ياد اٿم
ڪنهن گهاوَ سبيا ڪنهن جهير ڏنا
سڀ ياد اٿم سڀ ياد اٿم
ڪنهن پيار ڏنو ڪنهن پور ڏنا
ڪنهن سار لڌي ڪنهن سور ڏنا
تحفا جيڪي تقدير ڏنا
سڀ ياد اٿم سڀ ياد اٿم
”استاد بخاري“
 
ڪنهن پيار ڏنو ڪنهن پور ڏنا
ڪنهن سار لڌي ڪنهن سور ڏنا

خوبصورت احساس، خوبصورت سٽون
 
مطلب ته پلس مائينس رزلٽ زيرو ۔۔۔۔ خوشنصيب آهيو ۔۔۔۔ نه ته ڪٿ ته رڳو مائينس ئي مائينس آهي ۔۔۔

زندگي آهي ئي + ۽ _
ڪڏهن ڀاڪر ۾ ته ڪڏهن ڀريءَ ۾
 
ڪنهن مرڪ ڏني ڪنهن تير ڏنا
سڀ ياد اٿم سڀ ياد اٿم
ڪنهن گهاوَ سبيا ڪنهن جهير ڏنا
سڀ ياد اٿم سڀ ياد اٿم
ڪنهن پيار ڏنو ڪنهن پور ڏنا
ڪنهن سار لڌي ڪنهن سور ڏنا
تحفا جيڪي تقدير ڏنا
سڀ ياد اٿم سڀ ياد اٿم
”سجاد علي سومرو“
تمام سٺو هڪ دفعو ٻڌل ۽ پڙهيل آهي پر آهي تمام سٺو ادا
 
پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
ادي هي چونڊ سٽون آهن۔
ادا نثار واقعي زندگي +۽ _آهي اوهان جي ئي ڳالھ وانگر ته ڪڏهن ڀري ته ڪڏهن ڀاڪر ۾۔۔۔۔۔
 
ادا شاعري ته استاد بخاري جي آهي، سو شاعري ۾ استاد جو نالو نه ڏيڻ چڱو ڪو نه ٿو لڳي، باقي توهان جي مرضي اسان ته چوڻ به ڇڏي ڏنو آهي پر پوء ته اوهان کي چوان ٿو، اگر خراب لڳي ته معذرت۔
 
ادا مون کي اها بلڪل به خبر نه آهي ته هي شعر استاد بخاري جو آهي ها باقي مون وٽ موبائيل تي ميسيج ۾ آيو ۽ مون کي تمام زبردست لڳو ان ڪري مون اوهان سٍڄڻن سان ونڊ ڪيو ۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top