• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَـرَ نـسـرِيـا پاندَ، اُتَــرَ لڳا، آءُ پِـرِيـن!

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سَـرَ نـسـرِيـا پاندَ، اُتَــرَ لڳا، آءُ پِـرِيـن!
مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون
سُر سامونڊي​
374441_4854285273215_458223961_n.jpg
__________​
 
سَـرَ نـسـرِيـا پاندَ، اُتَــرَ لڳا، آءُ پِـرِيـن!
مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون

شاهه لطيف
سُر سامونڊي

ڪراچي جي موسم اڄ کان ٿڌ طرف مڙي آهي، شام جو آفيس کان نڪتس ٻاهر اتر جي هوا لڳي رهي هئي ۽ گهر پهچڻ کانپوء پکي هلائڻ جي به ضرورت ڪانه پئي. الائي ڇو موسمي تبديلين عجيب وسوسن ۾ وڌو آهي. جڏهن مندون مند تي نه اچن ته فڪر ته ٿيندو. ان جو اثر فصلن تي به پئي ٿو ته ماڻهن جي صحت تي به .....

ڪراچي جي موسم ته اڳ ئي حالتن جي ور چڙهي غير يقيني واري صورتحال جي اثر هيٺ آهي.

پر اتر جي هوا مونکي لطيف سائن جي مٿين بيت جي ياد ڏياريندي رهي ۽ الائي ڇو جيجي زرينه بلوچ جا ٻول اترڙو ٿو لڳي ... وري وري ياد اچي رهيو آهي.
 
يقنن موسم جي تبدلين ۾ انسان جي فائدي انسان جي بهتري انسان جي جسم جي لاءِ انيڪ فائدا آهن۔
هي رحمت خدا جي آهي پر اوهان جا خدشا ته موسم جي پنهنجي موسم تي نه اچي ته ڪئي خدشا ته جنم وٺندا۔ يقنن انسان هن ڌرتي تي جيڪو ڪجھ ڪري ٿو جي منفي ڪري ٿو ته منفي جي مثبت ڪري ٿو ته ادا مثبت اثر ضرور پون ٿا۔ خداوندِ متعال ان تبديلي ۾ و ٽغير ۾ انسان لاءِ ڪيترائي فائدا رکيا آهن۔ هاڻي ظرف انساني ۾ آهي ته هو ڀلائي کي بدلي بُرائي حاصل ڪري يا بُرائي مان مثبت سوچ سان ڀلائي اختيار ڪري۔
وسلام
 
Back
Top