معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
پنوعاقل جي ڪچي ۾ ڪارنهن جرڳي ۾ سڱ چٽي ۾ ڏنل ٻن معصوم نينگرين کي پيءُ ۽ پٽ سان پرڻائي رخصتي ڪرائي وئي
پنوعاقل جي ڪچي ۾ ڪارنهن جرڳي ۾ سڱ چٽي ۾ ڏنل ٻن معصوم نينگرين کي پيءُ ۽ پٽ سان پرڻائي رخصتي ڪرائي وئي، پوليس واقعي کان بي خبر بڻيل. تفصيل موجب ڏيڍ مهينو اڳ سکر جي المدينا ڪالوني جي رهواسي ذوالفقار مهر پنهنجي گهرواري ڪزبانو کي چنيسر مهر سان ڪاري قرار ڏئي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد پنوعاقل جي ڪچي واري ڳوٺ رمضان مهر ۾ وٺي وڃي قتل ڪري لاش اڻڄاتل هنڌ تي پوري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ 17 نومبر تي وڏيرن ڌڻي بخش ۽ رمضان مهر جرڳو ڪوٺائي الزام هيٺ آيل چنيسر مهر جي ٻن معصوم پوٽين 8 ورهين جي زيبي ڌيءَ غلام محمد ۽ پنج ورهين جي شازيا ڌيءَ عزيز الله کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي فتويٰ ٻڌائي، گذريل ڏينهن جرڳي ۾ ڏنل فتويٰ تحت 8 ورهين جي زيبي جو مقتولا ڪزبانو مهر جي مڙس 38 ورهين جي ذوالفقار مهر سان ۽ پنج ورهين جي شازيا کي ذوالفقار جي نوجوان پٽ سان نڪاح وجهي سندن رخصتي پڻ ڪرائي وئي. جڏهن ته حد جي پوليس مامري بابت بي خبر بڻيل آهي، عوامي آواز پاران رابطي ڪرڻ تي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او هدايت الله عباسي چيو ته اسان جي ٿاڻي جي حد ۾ ڪا به عورت ڪارنهن الزام ۾ قتل ناهي ٿي، نه ڪو نينگرين کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو ڪو جرڳو ٿيو آهي.