ڪجهه ڏينهن اڳ دوستن شڪايت ڪئي ته سندن لاءِ ڪجهه اهڙيون سهولتون به پيدا ڪجن ته جيئن هو سنڌ سلامت جي گذريل مواد تائين پڻ آساني سان پهچي سگهن۔۔۔ کين تسلي ڏيندي ان سلسلي ۾ ڪجهه اضافي قدم کڻڻ جو آسرو ڏنو ويو هو۔۔ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي نيوبار ۽ فوٽر ايريا ۾ هڪ نئين ٽيب ”مشهور مواد“ کي شامل ڪيو ويو آهي جنهن تي ڪلڪ ڪندي دوست هڪ نئين ويب پني تي پهچندا جتي هو ڏسي سگهندا ته ۔۔۔ سنڌ سلامت تي آيل ڪهڙين تحريرن سڀ کان وڌيڪ پسنديدگيون حاصل ڪيون آهن۔۔ (20 عدد) سنڌ سلامت جي ڪهڙن موضوعن کي وڌيڪ ڏٺو ويو آهي۔۔۔ (10 عدد) سنڌ سلامت تي سڀ کان گهڻا جواب وصول ڪندڙ موضوع ۔۔۔ (10 عدد) سنڌ سلامت تي سڀ کان وڌيڪ تحريرون موڪليندڙ رڪن۔۔۔ (21 عدد) 1314 اٽيچمينٽ ڏسو
هن جو جواب آئون نه ٿو ڏيان۔ پر ٻين جا جواب آئون ٿو ڏيان نثارابڙو واهه واهه۔ ذيشان رشيد جو ڪيل ڪم اکين تي۔ عرس پريو۔ رشيد جي انهي ڪم جي تعريف نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي۔ پر انهي ۾ تحريرون ڪيئن موڪلبيون؟ يونس ملڪاڻي دوستن جي مشهور ٿيل تحريرن کي ڳولڻ ۾ آساني ٿيندي (باقي ڳولي پڙهڻ کان آڱوٺو) سليمان وساڻ۔ انهي جو فائدو؟؟؟؟؟
ادا عبدالحفيظ اسلام عليڪم۔جيڪڏهن توهان اسانجي پاران به ڪا رائي (ڪمينٽس) ڏيو هان ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي وڃي هان۔ سچ مچ اسان اوهان جا مشڪور ٿئي وڃون هان پر ڇا ڪيون هاڻي ته اسان کي ئي ڪمينٽس ڏيڻا پوندا۔ ادا ذيشان رشيد المعروف جادوگر سائين اسلام عليڪم۔ توهان جيڪا پنهنجي جاکوڙي طبيعت جو مظاهرو ڪندي مشهور مواد وارو ٽيب هت متعارف ڪرايو آهي ،ان تي گهري نظر وجهندي اسان جي دل مان اوهان لاء کوڙ ساريون دعائون نڪتيون ڇاڪاڻ ته ان ٽيب کي استعمال ڪرڻ سان پسنديده موضوع کي ڳولهڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ ٽائيم بچي ويو۔
تمام بهترين ء سهنو قدم كنن تي وادايون. بر هك كذارش به آهي ته عدد 50 يا 100 تائين هجي ته بهتر تهيندو تاك دوستن جي محنت جي حق تلفي نه تهئي
ادا ذيشان رشيد : السلانم عليڪم توهان کي بهترين قدم کڻڻ تي کوڙ ساريون مبارڪون ۔ دلڪش حسين منظر سُهڻي سنڌ جا ؛گرجا ، مسجدون ۽ مندر سهڻي سنڌ جا؛تصور ۾ جنــــــت مثــــل لــڳــن ”عبيد“ ؛ٻهراڙِيون ۽ پڻ شـــهر سُهڻيءَ سنڌ جا ۔سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔