آچر جو ڏينهن هجي ۽ اڳئين ڏينهن تي، بلڪه رات تي رني ڪوٽ جي قلعي گهمڻ ۽ چوٽين تي چڙهڻ جا ٿڪ هجن ته پاسو ورائڻ به محال هجي. اهڙي ۾ دوست @سليمان وساڻ جي فون آئي ته سائين الطاف شيخ صاحب جن به هتي آيل آهن (جن رٽائرمينٽ کان پوءِ اڄڪلهه اسلامآباد کي گهڻو وقت ڏيڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڪراچي ۾ پنهنجي ڊفينس واري رهائشگاهه تي گهٽ ئي هوندا آهن) ۽ اڄ ٽائيم به ورتو آهي. ڇا خيال آهي ملي اچجي؟ ڳالهه ته واهه جي هئي. ٿڪاوٽ ته کڻي هئي پر الطاف صاحب سان گڏ چار گهڙيون ويهڻ به ته وڏي ڳالهه هئي. هن کان پهرين الطاف شيخ صاحب سان ڪُل ٻه ملاقاتون هيون، ٻئي دفعا سچل ڳوٺ ۾. انهيءَ ڏينهن سليمان سان گڏجي وڃي ڊفينس پُهتاسين.اسان جي اچڻ جو الطاف صاحب جن گهر اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ پاڻ شايد ڊفينس جي آچر بازار ويا هئا. اسان مُقرر وقت کان پهرين پهتاسين نه ته اهو انتظار به نه ڪرڻو پوي ها. ڇو ته الطاف صاحب جن جي قول فعل ۾ تضاد اڄ تائين ناهي ڏٺو. سو هو جيئن ٻين لاءِ وقت جي پابندي جي توقع رکن ٿا ته پاڻ به انهيءَ تي پورو لهن ٿا. ڪجهه دير جي انتظار بعد پاڻ اچي پُهتا. ۽ هڪ پَل لاءِ لڳو ته آئون سندن ڪو سفرنامو پڙهي رهيو هُجان ۽ هو ملائيشيا، سنگاپور يا جاپان جي ڪنهن بازار مان آيل هجن، هٿ ۾ ٻه ٽي شاپنگ بئگس هجن ۽ اِجهو ٿا ڀيٽ ڪن ڪراچي واري آچر بازار سان. پر خير هتي ته حقيقت هئي ڪو ڪتاب نه هو. . . . نه ته بازار سنگاپور جي هئي نه الطاف صاحب کي ڪا ڀيٽ ڪرڻي پئي. تمام خلوص سان ڀليڪار ڪري هلي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريائون ۽ خوشي انهيءَ ڳالهه جي به ٿي ته سنڌ جي روايتي مشروب چانهه ۽ ڪجهه شين کان وڌيڪ نه ته تڪلف ڪيائون نه هروڀرو جي فارملٽي ته سائين هي به وٺو، سائين هي شيءِ، سائين هُو شيءِ رهجي وئي. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو ته ڳالهين جو وقت ۽ موقع سٺو ميسر ٿيو. سليمان ئي ڪا ڳالهه ڇيڙي ته انهيءَ تان الطاف جن پاڻ سان ويجهڙئي ۾ ٿيندڙ بلڪه هلندڙ هڪ مصيبت جو ذڪر ڪيو ته ماڻهن کي الاءِ ڪهڙو فائدو ٿو ملي جو هو منهنجي ڪتابن يا اخبارن جي آرٽيڪلز مان چونڊ جملا آئوٽ آف ڪانٽيڪسٽ (سياق و سباق کان هٽيل) کڻي انهن کي الاءِ ڪهڙا رنگ ڏيئي پيش ٿا ڪن. مثال طور مون لکيو ته ”اوهان ٻاهرين ملڪ وڃي وڏو عرصو رهو ته ڪوشش ڪري پاڪستانين ۽ خاص ڪري سنڌين سان گڏ يا ويجها نه رهو. انهي جي وجه اها ته ٻارن ۽ عورتن ۾ ريس جو عنصر وڌي ٿو. ٻاهرين ملڪ ۾ هر ڪنهن جي پنهنجي مالي حيثيت هوندي آهي. هڪ گهٽ آمدنيءَ واري جا ٻار يا گهر واري ڌارين جي ٺٺ باٺ کي ڏسي کڻي نه به چون پر پنهنجن کي ڏسندا ته ضرور ڀيٽ ڪري اهي مطالبا ڪندا. ٻيو ته ٻاهرين ملڪ جو صحيح ايڪسپوئير وٺڻو آهي ته ڌارين جي رهڻي ڪهڻي ئي ڏسجي نه ته پنهنجا ته هتي به کوڙ آهن جن سان رهي سگهجي ٿو.“ هاڻي انهيءَ جا پهريان جملا ڪتاب يا اخبار جي صفحي سميت حوالي طور پيش ڪري ميسيج اي ميل فيس بوڪ تي لکن پيا ته الطاف شيخ چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ وڃي سنڌين سان نه ملو. هاڻي هرڪو مون کان ٿو پُڇي ته اهو ڇو؟ يا وري مون ڪٿي لکيو ته ”اوهان ٿائلينڊ وڃو ٿا ته هرڪو هُتي اوهان کي رنڊين جي پُڇا ڪندي نظر ايندو. ڇو ته هُتي اهو ڪم (مساج، چڪلا، رنڊيون کنڊيون) گهڻيون آهن. پر انهن ۾ ايڊز سميت ڪيترين ئي بيمارين هوندي ماڻهو نه رڳو نه بيمارين ۾ وٺجيو وڃن پر پنهنجين گهر وارين کي به وئيل ۾ وِجهن.“ پر انهن همراهن لکيو ته الطاف شيخ چئي ٿو ٿائلنڊ وڃي رنڊين جي پُڇا ڪريو.. . . . .ڏاڍو ڏک ٿيو ته هڪ اهڙي ماڻهو جنهن بنا غرض سڄي عمر لکڻ کي ڏني. وقت سان گڏ هڙان وڙان پنهنجو ڏيئي ڪتاب ڇپرايا. ڪڏنهن به ڪتاب لاءِ هڪ روپيو نه ورتو. پنهنجي ڪاپي به وڃي اردو بازاز جي ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور تان ورتي. هڪ اهڙو ليکڪ جنهن مفت ۾ سنڌين کي دنيا جو تعارف ڪرايو. دنيا جي هر گهٽي هر ڪنڊ جي سنڌ سان ڀيٽ ڪري ثابت ڪيو ته سنڌ دنيا جي ڪنهن به ملڪ کان گهٽ ناهي. هڪ اهڙو ليکڪ جنهن لاءِ هڪ وڏي سنڌي ليکڪ اها راءِ ڏني ته الطاف جا ڪتاب ”ڪتاب دشمن“ ماڻهن کي پڙهايا ويا ته هو به ڪتاب دوست بڻجي ويا. مطلب ته سادگيءَ سان لکيل ڳالهيون جيڪي سمجهه ۾ اچن ۽ دلچسپي قائم رهي. قلم جي زور تي پني جي آسري اهڙو لکڻ جو پڙهندڙ ايئن محسوس ڪري ته هو لکندڙ سان گڏ گڏ هر شيءِ ڏسندو ٿو هلي. سنڌي ۾ انٽرنيٽ تي ڪتاب اچڻ لاءِ پهرين قرباني به الطاف شيخ ڏني جنهن موڪل ڏني ته ڪو به منهنجا ڪتاب انٽرنيٽ تي ڏي ته منهنجي موڪل آهي. اهڙي ماڻهو خلاف ڪجهه ڄٽن جي انهي مهم جو مقصد سمجهه کان بالاتر آهي. الطاف صاحب اهي ڳالهيون ڪري به ڪا مايوسي نه ڏيکاري بلڪه چيو پُڇندڙ پُڇن ٿا ته سائين اهو ڇا پيو ٿئي” ته آئون چوندو آهيان بس ڪجهه اهڙا سر ڦريا آهن پر ڀلي پيا ڪن پاڻ کي ڇا؟“. خوشي ٿي ته الطاف صاحب انهن جي ڳالهين کي دل تي وٺي قلم کي روڪين نه ٿا. سليمان پڇيو ”اڄڪلهه ڇا پيا لکو؟“ ”اڄڪلهه ڪجهه به مخصوص ناهي پر ڪوبه اهڙو موضوع جنهن سان ڪنهن جي اصلاح يا معلومات ۾ اضافو ٿئي، لکان ٿو. منهنجو ڪنهن کان به ڪجهه لکڻ لاءِ پئسي پنجڙ جو به مطالبو ناهي. بس جتي ڇپجي منهنجي ڳالهه ماڻهن تائين پُهچي ۽ ڪنهن جو ڀلو ٿئي. سو ڪڏنهن عبرت ڪڏنهن ڪاوش. بس لکان پيو ٿو. انهي کان علاوه منهنجو ڇپيل مواد سرگزشت ۾ به ڇپجي پيو. انهيءَ جو ترجمو هڪ نوجوان ٿو ڪري انهيءَ جو معاوضو انهي کي ملي ٿو سو مون به منع ناهي ڪئي. ڀلي ڪنهن جو روزگار لڳو رهي.“ انهيءَ کان پوءِ الطاف صاحب مطالعي جي اهميت تي ڳالهائيندي چيو ته ”اسان جو استاد ڪومبس چوندو هو ته اوهان جيڪو به پڙهو خوب پڙهو. ڪو موضوع پسند آهي ته انهيءَ تي هڪ ٻه نه پر جيترا ٿي سگهن اوترا ڪتاب پڙهو. ڪو ليکڪ پسند آهي ته انهيءَ جا هڪ ٻه نه پر سڀ ڪتاب پڙهو. انهي سان خبر پوندي ته هڪ لکندڙ جي لکڻي ۾ ڪهڙي جدت اچي ٿي. اهو به سمجهبو ته وقت سان گڏ ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه اهميت وٺي ٿي. جنهن کي هڪ سٺو ليکڪ پنهنجي موضوع جو محور بڻائي ٿو.“ مون هُنن جي ڳالهه ئي هُنن لاءِ سوچي ۽ سندن ئي ڪتابن (کڻي سڀ نه تي به مختلف دؤر ۾ لکيل سندن ڪتابن مان گهڻا ته پڙهيا اٿم) سي انهيءَ ڳالهه تي پرکيندي سندن پهريون ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ۽ تازو آيل ڪتاب ”ممبئي منهنجي ڀاڪر“ ۾ يا ”هلي ڏسجي هندوستان“ کي ڀيٽيم ته منهنجو ساگر منهنجو ساحل ايئن لڳو ته جهازي دنيا جا شروعاتي تجربا جيئن انهن ڏٺا تيئن ٻڌايا يا وري جيئن انهي ڪتاب جي نون ايڊيشن ۾ سائين پاڻ به لکيو آهي ته اهو ڪتاب پڙهي متان ڪو سمجهي ته الطاف اڇي ڏاڙهي سان اهو ڇا پيو لکي (شايد سائين جو اشارو سندن هڪ جملي تي آهي جيڪو هڪ دڪاندار عورت کي چيو ويو هو. هُن عورت کي گلي ۾ پاتل هار ۾ هڪ جهاز جو ماڊل هو. عورت پُڇيو ته جهاز پسند آهي ڇا؟ ته وراڻيس نه جهاز نه پر ”نه پليٽ فارم“). پر هاڻوڪن ڪتابن ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ شهر ۾ پنهنجي مشاهدي جي ڀيٽ ۾ انهن ملڪ جي معلومات وڌيڪ لکي آهي. جنهن سان اندازو ٿئي ٿو ته هڪ ليکڪ وقت سان گڏ گڏ شين جي اهميت کي سمجهڻ لڳندو آهي ۽ انهيءَ جي قلم جي چونڊ اهي لفظ بڻجي ويندا آهن جيڪي پڙهڻ وارن لاءِ وڌيڪ مفيد هجن ٿا. پر پوءِ انهي تبديلي جي نتيجي ۾ انهي ليکڪ کي اهو به خيال رکڻو آهي ته ڪتاب تي خُشڪ هجڻ، دلچسپ نه هُجڻ جي ڇاپ به نه لڳي ۽ جڏهن هڪ موضوع تي هڪ ئي ليکڪ جا سڀ ڪتاب پڙهبا ۽ اهڙا ٻه ٽي ليکڪ پڙهي وٺبا تڏهن وڃي انهي موضوع تي ڪجهه لکڻ يا ڳالهائڻ جو مناسب وقت هوندو ۽ جيڪو لکبو يا ڳالهائبو ته اهو وزنائتو هوندو. آئون انهيءَ مهل الاهي منتشر هئس. سائين جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ انهن تي سوچڻ ۾ محو هئس ته سليمان وساڻ ۽ الطاف صاحب فوٽو سيشن شروع ڪري ورتو هو. ڪجهه دير فوٽو وٺي پوءِ ڏٺوسين ته ٻپهري ٿي وئي آهي. ۽ الطاف صاحب جي ٻنپهرن جي ننڊ جو ته ڪافي ٻڌو آهي. خاص ڪري سندن ڪتاب ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ۾. سو سندن آرم جو خيال ڪندي وڌيڪ وقت نه ورتوسين. اڃان موڪلائڻ جي ڳالهه ڪئي ئي هئي ته سائين هڪ دلسچپ ڳالهه ٻڌائي. ”جڏنهن اسان 76 ء ۾ ملائيشيا وياسين فئملي سان ته گهر وارن سنگاپور مان ڪجهه چيني جون پليٽون ورتيون. پر الاءِ ڇو اهي ڪڏهن به استعمال نه ٿيون. سدائين شو ڪيس جي زينت بڻيون رهيون ۽ جيڏانهن به وياسين ته اهي پليٽون گڏ گڏ رهيون. منهنجي راءِ آهي ته اهڙي شيءِ وٺجي ته استعمال ٿئي سو هفتو اڳ سوچيم ته اهي ڪنهن بخت واري کي گفٽ ڪندس. اڄ اوهان آيا آهيو سو اهي پليٽون اوهان کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو اٿم. پر مهرباني ڪري استعمال ڪجو سجائي نه رکجو.“ ۽ پوءِ سائين اهي وزني پليٽون کڻي اچي مون کي ۽ سليمان کي ڏنيون ۽ پليٽن کي ڏسي لڳو ته اهي واقعي انهيءَ دؤر جون هيون ۽ ايئن لڳو ته ڄڻ ٻڌائي رهيون هجن ته ڪهڙا ڪهڙا مُلڪ گهميون آهن. پليٽن کي ڪير سمجهائي ته اوهان سنگاپور جون دنيا گهُمي آيل پليٽون هُجو ته هُجو پر هاڻي اوهان جي منزل اسان وانگي سچل ڳوٺ ئي هئي۔