• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ذڪرالاهي۔

جاويد حسين

سينيئر رڪن
باز ۽ ڳجهن جي موجودگي ۾ جهرڪي جا ٻچا پرورش پائيندا رهنداآهن. آندهي ۽ طوفان سڀ چراغ نه وسائي سگهندي آهي.شينهن گجگوڙ ڪندو رهندو آهي ۽ هرڻ جا ٻچا کيڏندارهنداآهن.هي سڀ ان پروردگار جا ڪم آهن.ان جي پيداڪيل مخلوق پنهنجي مقرر ڪيل طرز عمل مان گذري رهي آهي.فرعون سڀن ٻارن کي ماري ڇڏيومگر هڪ ٻار بچي ويوهي سڀ قدرت جو رنگ آهي.زمانو طرقي ڪري ويو مگر مک، مڇر ۽ ڪئو اڄ به پئدا ٿي رهيا آهن.جراثيم ڪش دوائون نون جراثيمن کي پئدا ڪري رهيون آهن.طب مشرق ومغرب ۾ وڏي ترقي ٿي آهي.بيمارين ۾ به اضافو ٿيو آهي.انسان ماضي ۾ به ڏکويل هو ۽ حال ۾ به خوش نه آهي.
علاج خالق جي قرب ۾ آهي ماڻهون ڇو نه ٿا سمجهن.
 
Back
Top