اڄوڪو ڏينهن 6 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 6 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

6 ڊسمبر 1940ع گلوڪار، اداڪار ۽ ليکڪ سنتوش ڀاڳيا (ڪراچي/احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
6 ڊسمبر 1940ع اداڪارمانو گيهاڻي (نوابشاهه/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
6 ڊسمبر 1962ع شاعر حنيف عاطرجو جنم ڏينهن آهي.
6 ڊسمبر 1963ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر جواد جعفري جو جنم ڏينهن آهي.
6 ڊسمبر 1968ع صحافي ۽ ليکڪ اعجاز مهر جو جنم ڏينهن آهي.
6 ڊسمبر 1971ع شاعر ساقي ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
6 ڊسمبر 1981ع شاعر خالد چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
6 ڊسمبر 1989ع ڪرڪيٽر ناصر جمشيد جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

6 ڊسمبر 1934ع فريڊم فائيٽر پريتم داس آڏواڻي جي ديهانت ٿي.
6 ڊسمبر 1943ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سياستدان علي گوهر لاهوري جي وفات ٿي.
6 ڊسمبر 1952ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد صادق ڪڇي جي وفات ٿي.
6 ڊسمبر 1968ع مذهبي اسڪالر مفتي غلام حسين وليدائي جو لاڏاڻو ٿيو.
6 ڊسمبر 1983ع شاعر شيخ عبدالرزاق راز جي وفات ٿي.
6 ڊسمبر 1986ع ليکڪ عبدالرحيم ڏيٿو جي وفات ٿي.
6 ڊسمبر 2000ع ناليواري قوال عزيز ميان جو انتقال ٿيو.
6 ڊسمبر 2000ع ريڊيو آرٽسٽ ۽ صداڪار عبدالحق ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو.
6 ڊسمبر 2012ع صدارتي اوارڊ يافته الغوزو نواز الهه بچايو کوسو لاڏاڻو ڪري ويو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
عبدالحق ابڙو 6 ڊسمبر 2000ع تي لاڏاڻو

ريڊيو آرٽسٽ ۽ صداڪار حيدرآباد ريڊيو -اسٽيشن- جي ڳوٺاڻن ڀائرن جي پروگرام ( فتح خان جي ڪچهري ) جي ڪردار ” جانڻ “ جي نالي سان مشهور ٿيو . عبدالحق ابڙو نور محمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ ڪاليج جي زماني ۾ ڊرامن ۾ ڪم ڪندو رهيو . هن ايم . اي سنڌي ادب ۾ ڪئي ۽ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ حصو ورتو .عبدالحق ابڙو شروع کان ئي ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ اسٽيج جو معروف فنڪار هو . هن سنڌي فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا ، ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيائين . پاڪستان حڪومت فني خدمتن جي مڃتا طور کيس تمغه امتياز ڏنو . عبدالحق ابڙو 1937ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ڄائو ۽ 17 سالن جي عمر ۾ اسٽيج ناٽڪ ۾ ڪم شروع ڪيائين . جڏهن حيدرآباد ۾ ريڊيو -اسٽيشن- کلي ته کيس 1957ع ۾ اسٽاف آرٽسٽ طور نوڪري ڏني ويئي . هن 1997ع ۾ رٽائر ڪيو ، پر پوءِ به هو ڪانٽريڪٽ تي ريڊيو سان لاڳاپيل رهيو . عبدالحق ابڙو ٻارڙن جي پروگرام ۾ ” ماما مکڻ “ جي حوالي سان ٻارن ۾ گهڻو مقبول ٿيو .

سنڌ جو هي گهڻ پاسائين صلاحيت رکندڙ فنڪار سنڌيءَ کان علاوه -اردو- ، گجراتي ، بلوچي ، پنجابي ٻوليون به ڄاڻندو هو ۽ انهن ٻولين جي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيائين . هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لاتعداد پروگرامن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو . سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم دوران مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو ’ -انڪوائري آفيسر- ‘ اسٽيج ڪيائين ۽ -انعام- طور کيس وائس چانسلر ڪپ مليو . 66-1965۾ سنڌي مزاحيه پروگرام ” گلدستو “ گهڻو مشهور ٿيو .سندس پهريون ٽي وي ڊرامو مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو ” زينت “ هو ۽ پهرين سنڌي فلم ” محبوب مٺا “ هئي . -ان- کان علاوه هن ” رنگ محل “ ، ” گهونگهٽ لاهه ڪنوار “ ، ” سنڌڙيءَ تان صدقي “ ، ” -بادل- “ ۽ ٻين فلمن ۾ به ڪم ڪيو . هن پاڻ به ڪيترا ڊراما لکيا ۽ انهن جي هدايت ڪاري به ڪئي . هو ميوزڪ جو به ڄاڻو هو .هو 6 ڊسمبر 2000ع تي 63 سالن جي عمر ۾ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو . کيس مسو ڀرڳڙي لڳ آبائي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو
 
6 ڊسمبر 2012 تي ناليوارو الغوزو نواز فقير الهه بچايو کوسو انقال ڪري ويو۔ هو 1993 کان ساهه جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ کيس 2 ڏينهن اڳ گردن ٽوڙ بخار سبب ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. الهه بچايو کوسي جو مڙهه بلڙي شاهه ڪريم ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ ڏاڏون ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. الهه بچايو کوسي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ الغوزو وڄائي سنڌي موسيقيءَ کي پرڏيهه ۾ به روشناس ڪرايو ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ عالمي ايوارڊ حاصل ڪيا. فقير الهه بچايو کوسي 1965ع جي جنگ ۾ ناليواري گلوڪاره ميڊم نورجهان سان گڏ الغوزو وڄايو ۽ کيس ان وقت جي صدر ايوب خان صدارتي ايوارڊ سان پڻ نوازيو هو.
 
Back
Top