معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
منهنججي شهر جي اڻ پوري منظوم ڪهاڻي
معصوم سنڌي
ڪنهن پئي چيو
ڪراچي!
تون اسان جو سج آهين
۽ اسين تنهنجا سورج مکي
پر ڪراچي !
تنهنجي منهوڙي – ڪياماڙي بندر
ڪاٺوڙ ۽ گهگهر
تائين روز ٿيون ڀونڪن بندوقون هتي
۽ ڪرن ٿا لاش ماڻهن جا،
پيارن جا،
پنهوارن جا،
ٿيون گاڏيون باهه جي نذر،
شام-سحر،
رات جي ڪنهن نه ڪنهن پهر،
ڪٿي به نه ٿو ٻري گيت ميران!
ڪراچي ٿيا تنهنجا روڊ رستا ويران ا
ڪات ڪهاڙا کڻي نڪتا هن اغيار،.
شهر منهنجي جو خوف ۾ بند ٿيو ڪاروبار
روز ديس منهنجي جي راڄڌاني!
ٿي رڙي چئي او منهنجا جاني!
ڇو ڪيو مون کي اغيارن حوالي؟
هو ڏسو! لاش پيا هن سولجر-شوالي،
۽ ٽي –هٽي واري گندي نالي،
شهر سڄي ۾ آ خوني راڪاس
ڇو خاموش آن تون اي آڪاس!
آدم بوءِ آدم بوءِ
لاش سڙي ٿو گرم لوءِ،
روز راڄڌاني سنڌ جي يرغمال،
لاش لياريءَ ۾ پيا هن لال،
هو ڏس کارو ۽ مٺو در!
جتي منهنجو ۽ هن جو گهر،
بند آهن دليون ۽ در،،
او رهگذر!
او هم سفر!
اي ڪراچي !
ڀڻ ڀڻ ڪري مان چوان،
ماءُ پنهنجي کي ٿو ڏسان،
جا گهري ٿي هر دم دعا،
سا آ اها،
سنڌ سلامت رک رب!
سنڌ سلامت رک رب!
(معصوم)