معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
1318 اٽيچمينٽ ڏسو1319 اٽيچمينٽ ڏسو
آخري ٽرين ۽ ميگهنا جو پيءُ
هيءَ جيڪا ريلوي پٽڙي آهي، اتان منهنجي ٻاروتڻ ۾ ريل گاڏي چوويهن ڪلاڪن ۾ چار پنج ڀيرا ايندي ۽ ويندي هئي، جڏهن جواني ڪنهن ڇوڪريءَ جيان مون کي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي وڌو تڏهن هن ٽريڪ تان آخري ٽرين به وڃي چڪي هئي ۽ هاڻي هيءَ ريلوي ٽريڪ منهنجي يار مسيح مگسيءَ جي ڪنهن اداس نظم جهڙي ڀاسي ٿي.جيڪڏهن ميگهنا جو پيءُ گلزار هتان گذري ها ته هوند
هو هن ريلوي ٽريڪ جي وياڪلتا کي ڪئميرا ۾ قيد ڪري ڪنهن آرٽ مووي ۾ ايڊٽ ضورو ڪري ها پر جيئن ته سنڌ ۽ هند جي دنگ تي گلزار چواڻي ”سرحد ڪي اس پار ڪل رات سنائي ٿي گولي “ واري ٻولي آهي پر مون کي پڪ آهي ته ميگهنا جو پيءُ هڪ ڏينهن هن ريلوي ٽريڪ جي وياڪلتا جي ڪٿا کي ڪنهن آرٽ فلم جي زينت بنائڻ لاءِ هتي ضرور ايندو.