معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
بابا ڀٽ جي اداسي ۽ تعصب جي تلوار
معصوم 1320 اٽيچمينٽ ڏسو1320 اٽيچمينٽ ڏسو
هيءُ ٻيٽ ڪراچيءَ جي مکيه گهاٽ اندر منهوڙي جي ويجهو ڪياماڙيءَ جي سامهون هڪ ننڍو ٻيٽ آهي . ڪياماڙيءَ ۾ جهازن جي بيهڻ لاءِ وڏا گهاٽ آهن . گهاٽن جو شهر سان واسطو هڪ ڊگهيءَ پل جي رستي قائم ڪيو ويو آهي ، جا سر چارلس نيپئر ٺهرائي هئي . هتي جا رهاڪو گهڻو ڪري مڇيءَ جهلڻ ۽ ان جي صفائي ۽ وڪري جو ڪم ڪن ٿا . هو ڪڇيءَ گاڏڙ لاڙي سنڌي ڳالهائين ٿا سمونڊ ندر يا ڪياماڙي

جي برج تان جيڪڏهن هن ڀٽ جو درشن ڪبو ته هي ڏاڍو خوبصورت لڳندو ۽ جيڪڏهن بابا ڀٽ تان ڪراچي شهر کي ڏسبو ته جمالياتي عنصر بنهه غالب ٿي ويندو، يعني ڪراچي جي حسناڪي هنن ننڍين ننڍين کارين وٽان من موهي وجهي ٿي، مون هتي چيٽ جي چانڊوڪين ڀريون راتيون ڪٽيون آهن ۽ جنوري جي هر صبح جو هتي ٿڪ ڀڳو آهي. هتان جي تعصبي انتظاميا جتي لياقت آباد ۽ لالو کيت وارن کي سهولتون مهيا ڪري ٿي اتي لياري ۽ گذري جي ڳوٺن جيان بابا ڀٽ کي به نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي جا آدي واسي سنڌي آهن ۽ سنڌي هئڻ هندستان مان هجرت ڪري ايندڙن لاءِ ماءُ تي گار آهن