علمي ادبي شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    علمي ۽ ادبي شخصيت

    نظير حسين پٺاڻ
    1322 اٽيچمينٽ ڏسو
    سنڌو ماٿري هر دؤر ۾ تمام وڏا تعليمي ماهر ۽ شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن جي ڪري سنڌ علمي ۽ ادبي لحاظ کان مشهور آهي. انهن مشهور ۽ املهه موتين مان نذير حسين پٺاڻ هڪ آهي، جنهن پنهنجي لکڻين جي مدد سان سنڌي علم ۽ ادب ۾ واڌارو آندو.
    نظير حسين پٺاڻ 4 آڪٽوبر 1947ع ۾ قمبر ڀرسان ڳوٺ ڇڄڙا ۾ تپيدار علي نواز پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، انگريزي تعليم ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ حاصل ڪئي، جيڪو سندس ڳوٺ کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ايم اي انگريزي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي. ڇهن مهينن تائين شاهه لطيف هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ انگريزي جو استاد رهيو. ان کان پوءِ هي ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ مختلف ڪاليجن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع کان سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ پرنسپال رهيو. جتان 2007 ۾ رٽائر ٿيو.
    يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران علم ۽ ادب بابت دوستن ۽ استادن کان گهڻي رهنمائي حاصل ٿي. هن کي لکڻ ۽ پڙهڻ سان هڪ جذبو ۽ چاهه هو. هن 1971ع ۾ پهريون افسانو لکيو جنهن ۾ امينا خميساڻي جيڪا ان وقت انگريزي شعبي جي هيڊ هئي. اُن هن جي سٺي رهنمائي ڪئي. ڪراچيءَ ۾شاهه لطيف اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران انور پيرزادي سان سندس گهرائپ ٿي ۽ هن پهريون نظم بنا عنوان سان لکيو جنهن کي بعد ۾ امر جليل ”گيت جو جنم“ نالي عنوان ڏنو.هن جا مختلف نظم ”سوجهرو“ ۽ ”برسات“ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا، عبرت ۽ ڪاوش اخبار ۾ سندس ڪالم ۽ شاعري اڄ تائين ڇپجندي رهي ٿي. هن جو تعلق علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان آهي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو.
    نظير سچل سرمست ڪاليج ۾ علمي ۽ ادبي مشغولين ۾ ڪافي دلچسپي وٺندو رهيو جن ۾ ڊرامه، تقريري مقابلا، سوال جواب ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڏينهن به شامل آهي. جيڪي شاگرد سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا هئا. هي انهن کي پنهنجي کيسي مان پئسا ڏئي انهن جي مدد ڪندو هو. هن جي چوڻ مطابق هڪ استاد جي اها ئي پوري زندگي جي ڪمائي آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي اهڙن سڄڻ ڪردارن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔

    لک ٿورا جو اوهان اسان جي ڄاڻ وڌائي۔
     
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنڌ م شعور جو فقدان ناهي۔سنڌ جا انيڪ سڄڻ اڄ به گم ناميءَ وارو جيون گهارين پيا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو