سڏڪيا سڀئي ساز رنو راڳ رڙيون ڪري نواز ڪنڀر سهراب فقير جيتري شهرت، عزت ۽ احترام حاصل ڪرڻ جي خواهش يقيناً هر ڳائڻ واري جي دل ۾ هوندي، پر نه ته هر ڳائڻو سهراب فقير ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي ان جيتري مقبوليت ماڻي سگهي ٿو. سهراب فقير، مڱڻهارن جي سومرا پاڙي سان تعلق رکندڙ هو. هي فقير مختلف ذاتين جا فقير هئڻ ڪري، انهن ذاتين جي نالي پٺيان سڏبا آهن. هي جيئن ته ڀين جا فقير هئا (ڀيا ذات جا)، ان ڪري انهن جي نالي پٺيان ڀائيڪا به سڏبا آهن. سندن وڏا جيلسمير جي علائقي ”کاڏاڙ“ جا رهاڪو هئا. سندس والد حمل فقير بنيادي طور تي سارنگي نواز هو پر صوفياڻا ڪلام به ڳائيندو هو. هي فقير ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪ شرناءِ وڄائڻ وارا، جيڪي لنگها سڏجن ۽ ٻيا سارنگي وارا، جيڪي فقير سڏجن. سهراب فقير به سارنگي وارن فقيرن منجهان هو. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ۽ ڪن لکيو به آهي ته سهراب فقير خاصخيلي آهي پر اصل ۾ ايئن نه آهي. سهراب فقير شروع شروع ۾ عنايت فقير ”مک رانجهن ماهه منير هويا“واري جي سُنگ ۾ ڳائيندو هو. پوءِ در محمد هيسباڻي (خوش خير محمد وارا فقير) وارن جو طالب ٿيو ۽ اتان ئي رنگجيو. حسبي نسبي طرح سندن وڏا ستن پيڙهين کان ميرپور ماٿيلي اسٽيشن ڀرسان لال سائين جي درگاهه جا مريد هئا. سنڌ جو سدا ملوڪ راڳي ۽ پيارو انسان شفيع فقير به ان درگاهه سان وابسته هئڻ ڪري سهراب فقير جو جهڙوڪر ذات ڀائي هئڻ سان گڏ پير ڀائي به آهي. ان وقت روهڙي فنڪارن جو مرڪز هو. سو سهراب فقير، عنايت فقير کان پوءِ خورشيد علي خان جو شاگرد ٿيو. هن کيتي فقير ۽ پياري فقير کان به سکيا ورتي. هنن فقيرن کي سُر جي ته هونئن ئي سُتي مليل هوندي آهي، پر جي انهن جي تربيت به ڪنهن ڪامل استاد کان ٿئي ته ”ماڻهو“ سهراب فقير ٿيو پوي. سهراب فقير، طبلي سان گڏ ڍولڪ ۽ سارنگي به سٺي وڄائيندو. هن خانصاحب گلزار علي خان سانگهڙائي سان گڏ به ڪيترن ئي محفلن ۾ طبلي تي سنگت ڪئي. ان دوران سندس پهرين گهر واري گذاري وئي. سو هي فقير فنڪار، گهر واريءَ جي وڇوڙي بعد پنهنجي پاڻ کي جهڙوڪر مصروف رکڻ لاءِ ۽ ماضي جي يادگيرين کان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ يا ته سير سفر تي هوندو هو يا پوءِ ڪنهن درگاهه تي. ان دوران هن جو برادري ۾ به ڪو خاص اچڻ وڃڻ نه هو. پوءِ جڏهن کين مرشد طرفان شادي ڪرڻ جو حڪم ٿيو ته هن مائٽن جي مرضي سان، سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ ٻوٻي (رشيد خان مري) مان پنهنجي ذات ڀائي، جمعي فقير جي گهران 1985ع ۾، پهرين گهر واري جي گذارڻ جي پندرهن ويهن سال بعد شادي ڪئي. (واحد بخش فقير سندس ڀيڻويو ٿئي). جمعي فقير وارا به ڀين جا فقير هئا. هي سانوڻ فقير جي اولاد مان هئڻ ڪري فقرائي ۽ فقير گهراڻي طور مشهور آهن. سانوڻ فقير، سهراب فقير جي سهري جمعي فقير جو پڙ ڏاڏو هو، جنهن جي آخري آرام گاهه اڪڙي پٿوري واري پاسي ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن جي ورسي هر سال 15 ذوالحج تي ٻوٻي ۾ ملهائي ويندي آهي. سانوڻ فقير جا سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي ۽ معتقد موجود آهن. چون ٿا ته سانوڻ فقير به کاڏاڙ جي علائقي مان هتي آيو هو. ڪنهن جي آئي ۽ ڪنهن جي وئي، رزق روزي ۾ برڪت پوندي آهي، بخت کُلندو يا ڦِٽندو آهي. سو سهراب فقير جو سانگهڙ مان ٻيءَ شادي ڪرڻ بعد جهڙوڪر بخت کُلي پيو ۽ هو شهرت جي بلندين تائين وڃي پهتو. مٿان وري کيس چند چڱن ماڻهن جو ساٿ ۽ رهنمائي نصيب ٿي ته فقير ملڪ کان وڌيڪ ملڪ کان ٻاهر ٻڌجڻ لڳو. هن ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري نه صرف پاڻ مڃرايو، بلڪه سنڌ ۽ سنڌ جي صوفي ڳائڻن جو مان به مٿانهون ڪيو. راڳداري جي حوالي سان سهراب فقير جي خاص ڳالهه، يڪتاري تي ڳايا ويندڙ ڪلام، هارمونيم تي نيم ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائڻ جو هڪ نئون ۽ ڪامياب تجربو ڪرڻ هو. سندس تجربو ان ڪري به ڪامياب ويو، جو هن جي راڳ جي باقاعدي سکيا ورتل هئي. انهيءَ انداز کي پوءِ جمال الدين فقير، وزير علي شاهه ۽ ٻين به اپنايو پر ان جي باقاعده شروعات سهراب فقير کان ئي ٿي هئي. صوفين فقيرن جي خاص ڳالهه آهي ئي مٿي ڳائڻ. ان حوالي سان سهراب فقير چوٿين اڇي ڪاري تي ڳائيندو هو. بقول برڪت فقير (ٻوٻي)، مٿي ڳائڻ ۾ وڌيڪ موج مستي هجي ٿي. سهراب فقير نه صرف مٿي ڳائيندو هو، بلڪه سچائي سان، وجداني ڪيفيت ۾ به ڳائيندو هو، جنهن جا مثال سندس ڳايل ڪلام آهن. هونئن ته سچل رحه جي ڪافي ”گهنڊ کول ديدار وکا“ ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي پر اها ڪافي جنهن موج مستي جي گهرجائو هئي، ان نموني صرف سهراب فقير ڳائي، ته ڪافي جهڙوڪر سهراب فقير جي ئي سڏجڻ لڳي. فقير ڀيروي ڏاڍي سٺي ڳائيندو هو. ڀيروي ۾ ڳايل غمدل فقير جي ڪافي ”ڳليان پريم نگر ديان“ جو به مثال ڏئي سگهجي ٿو، جنهن کي فقير گوين جي ٻولي ۾ ”چري“ ڪري ڳايو. سندس لوڙائو ۾ علي گوهر شاهه ”اصغر سائين“ جي مشهور ڪافي ”رمزان راول منهنجي روح ۾ اڄ ڪي وري لايون نيون“ مستي واري عالم ۾ سندس ڳايل ڪلامن مان هڪ آهي. هو شاعري جي ڊمانڊ مطابق ڳائيندو هو ۽ ان ۾ شفيع فقير، صادق فقير، رفيق فقير ۽ سهڻي فقير وانگر محو ٿي ڳائيندو هو. راڻي ۾ جيئن ته آلاپ وڌيڪ گهرجن ٿا ۽ فقير ۾ اها قابليت وڏي پئماني تي موجود هئي، ان ڪري ئي لطيف سرڪار جي ميلي ۾ محفل موسيقي جي شروعات به اڪثر کانئس راڻي جي آلاپن کان ڪرائي ويندي هئي. هو نه صرف ڳائيندڙ سٺو هو، بلڪه سيکاريندڙ ۽ استاد به ڏاڍو ڀلو هو. اڄ به سندس شاگرد قلندر بخش خاصخيلي، گلبهار، باقر شاهه ۽ غلام حسين فقير ۽ ٻيا پنهنجي استاد جي واٽ ڏاڍو سٺي نموني وٺيو اچن. هيٺ ۽ مٿي ڳائڻ يا سبقت ۽ خرج واري ڳالهه کي اڃان هيئن به سمجهي سگهجي ٿو ته، جيئن ڍول فقير، عبدالغفور، امير حسين ڪلوئي، ڦوٽو زرداري، محمد يوسف، منظور علي خان کان ويندي مهدي حسن تائين اڪثر فنڪار جي گائيڪي پهرين يا ٻئي ڪاري تي ئي آهي. گويا انهن جو رياض به اڪثر ڪري هيٺين ڪاري يا مڌم تي آهي، پر صوفياڻو ڪلام اڪثر مٿي ۽ تيز لئي ۾ ڳائبو آهي. سهراب فقير جو ٻاهرين دنيا ۾ مشهور ٿيڻ جو اهم سبب اهو به هو ته پاڻ مٿي ۽ تيز ڳائيندا هئا. اها ڳالهه به دلچپسي کان خالي ڪونه ٿيندي ته ميڊم نور جهان نه صرف هيٺ ڳايو، بلڪه مٿي به ڳايو ۽ ٻنهي ۾ واهه جو نڀايو. دلچسپ ڳالهه ته اها به آهي ته اڄڪلهه جمال الدين فقير (ٻوٻي - سانگهڙ) سنڌ ۾ سڀ کان مٿي ڳائي ٿو. ايترو مٿي ڳائيندڙ هي سنڌ جو شايد واحد فنڪار هجي. اهو به ذڪر ڪندو هلجي ته بقول خان صاحب گلزار علي خان جي، جلال چانڊيو به ٻين يڪتاري پوٽن وانگر مٿي ئي ڳائيندو هو، پر جلال کي قدرت طرفان مرڪن ۽ مينڍُن جي ڏات عطا ٿيل هئي، جيڪا ٻين فنڪارن ۾ گهٽ ئي هوندي آهي. استاد گلزار علي جي بقول ته، جلال جو آواز ڀاري پر سهراب فقير جو ڪجهه سنهو هو. سهراب فقير جي آواز ۾ معصوميت، ڪشش ۽ مٺاس موجود هجڻ، آواز جي پچ به ڏاڍي مٿي هجڻ ڪري به هو هڪ منفرد صوفياڻو راڳي هو. سهراب فقير خوش مزاج، خوش لباس ۽ سخي مرد هو. هو گهٽ پڙهيل ته ضرور هو پر سچو، انسان دوست ۽ غريبن جو همدرد به هو. هن نه صرف سچائي سان ڳايو ۽ ٻڌندڙن جون دليون کٽيون، بلڪه پنهنجي ڳائڻ وڄائڻ جي ڪمائي مان غريبن ۽ مسڪينن جو باقاعده حصو رکڻ ڪري غريبن جون دليون به کٽيون، ته انهن جون دعائون به حاصل ڪيون. ان ڪري ئي سندس وڇوڙي تي نسيم بلوچ چيو ته، سڏڪي سُنگ سڄو، ۽ پڻ سنڌ سڏي، گوندر منجهه گڏي، رسي ويو هو راڳ کان. اڄڪلهه سهراب فقير جي حوالي سان ٿيندڙ تعزيتي ميڙاڪن ۾ جي سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ جي سيڪريٽري استاد نظاماڻي پاران ڪرايل پروگرام جو خاڪو ذهن ۾ رکجي ته وقت جي تقاضا مطابق روايت پئجي سگهي ٿي. ان پروگرام جتي نالي وارن دانشورن کان ڳالهرايو ، اتي خالق ٽهلاڻي، پريل عمراڻي، نصيب ملاح، مولا بخش ملاح ۽ رتن ڪمار جهڙن فنڪارن کان فقير جا ڳايل ڪلام ڳارائي، فن جي باريڪين کي، فنڪارن جي زباني واضح ڪرائي، ٻڌندڙن جي تربيت جو بندوبست به ڪيو ويو. اهڙي طرز جي پروگرامن جي هن وقت شديد ضرورت آهي. سنڌ جا اڪثر نالي وارا فنڪار جيڪي پنهنجي ڪمائي سدائين نشي پتي ۽ عياشين ۾ اڏائي، بيماري وقت پيا ثقافت کاتي ۽ سرندي وارن کي علاج لاءِ التجائون ڪندا آهن، پر زندگي ۾ مجال آهي جو ڪنهن غريب غربي جي ڪا مدد ڪن. انهن کي سهراب فقير جي غريب پرور طبيعت به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ۽ ان کي مليل عزت ۽ احترام به ياد رکي ان جي واٽ تي هلڻ گهرجي ۽ پوءِ ئي کيس مليل مڃتا جهڙي مڃتا جي خواهش ڪرڻ گهرجي. اها سهراب فقير جي شخصيت ئي هئي، جو شاعر کان بيساخته نڪري ويو ته، سڏڪيا سڀئي ساز، رنو راڳ رڙيون ڪري ته هي امر آواز، ويو وڇوڙي واءَ ۾ (نسيم بلوچ) روزاني ڪاوش نومبر 4، 2009
بس ادا سلطان اهڙا واءُ هميشه گهلندا رهن ٿا۔۔۔ جن ۾ ڪڏهن علڻ فقير ته ڪڏهن وري سهراب فقير ته ڪڏهن ڪير ته ڪڏهن ڪير بس مٺڙا اهو واءُ گهلندو رهندو جيستائين جيون آهي۔۔۔۔۔ باقي اسان جون دعائون آهن ته شال رب ڪريم فقير کي جنت الفردوس ۾ جڳهه نصيب عطا فرمائي آمين۔۔۔۔
سندس طرفان ڏنل صوفي ازم جي هن انداز کي نه صرف بزرگ ۽ پوڙها پسند ڪندا آهن پر نوجوانن ۾ ڪافي مقبول آهي۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=3oa5ObSx_uQ