اڄوڪي ڏينهن 7 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 7 ڊسمبر 1918ع ليکڪ گوبند پنجابي (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1924ع راڳي ڀيرومل ڀمڀاڻي گيهاڻي (هالاڻي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1925ع اردو جي ناليواري افسانه نگار انتظار حسين جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1934ع ناليواري شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1937ع ڪوٽ مير محمد سان تعلق رکندڙ شاعر حليم سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1944ع شاعر ولي محمد وفا پلي جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1947ع ليکڪ ۽ محقق رام سچانند جوهراڻي (لاڙڪاڻي /بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1948ع شاعر نقش ناياب منگي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1971ع شاعر غلام رسول پرديسي جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1971ع شاعر منصور ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1984ع پاٽ سان تعلق رکندڙ ليکڪ مير ممتاز برهماڻي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 7 ڊسمبر 1868ع مذهبي اسڪالر ميان محمد اڪبر ڪٽبري جي وفات ٿي. 7 ڊسمبر 1910ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالقادر جي وفات ٿي. 7 ڊسمبر 1927ع فلاسافر، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ديارام گدومل شهاڻي جي ديهانت ڪري ويو. 7 ڊسمبر 1962ع صوفي، درويش، عالم ۽ شاعر ٻڍل شاهه بخاري جو لاڏاڻو ٿيو. 7 ڊسمبر 1978ع فريڊم فائيٽر مولانا محمد مدني (معروف ڀنڀرو) جو لاڏاڻو ٿيو. 7 ڊسمبر 2012ع ناليوارو ٽي وي اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر گذاري ويو. حواله: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ روزانه ڪاوش انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وڪيپيڊيا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 7 ڊسمبر 2009ع ۾ لاهور جي علائقي اقبال ٽائون ۾ ٻن بم ڌماڪن ۾ 45 ماڻهو مري ويا جڏهن ته 140 زخمي ٿيا۔
ناليوارو اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو 1343 اٽيچمينٽ ڏسو ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو ناليوارو اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔ اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو سندس ڄمار 67 سال هئي۔ هو ڪافي عرصي کان ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي هو اڄ زندگي جي جنگ هارائي ويو، اداڪار رشيد صابر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌندي ئي ٽي وي اداڪارن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي جڏهن ته ڪيترائي نالي وارا اداڪار فوري طور تي سندس گھر پهچي ويا۔ رشيد صابر پي ٽي وي تي ڪيترن ئي سنڌي ڊرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو۔
7 ڊسمبر 1970ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيل پهرين آزاد اليڪشن ٿي جنهن ۾ اوڀر پاڪستان مان عوامي ليگ جڏهن ته اولهه پاڪستان مان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿيون۔ 7 ڊسمبر 1941ع تي جپان جي فوجين امريڪي بنرگاهه پرل هاربر تي فضائي حملو ڪيو جنهن ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو۔ هن حملي ۾ 2000 فوجي اجل جو شڪار ٿيا۔ ياد رهي ته ٻئي ڏينهن آمريڪا جپان خلاف جنگ جو اعلان ڪيو۔