جي تون اچين ته منهنجي محفل مچي پوي،دل هي دردن ورتي جهومي نچي پوي۔ آ شهر ۾ پچار ته استاد ٿو مري،جي سونهن ساٿ ڏئي ته بخاري بچي پوي۔(استاد بخاري)
ادا عبدالعزيز سمون صاحب اسان غريب ماڻهن جو تعارف ڪا حيثيت نه ٿو رکي، منهنجو اصل نالو حافظ مطيع الله ميمڻ آهي، پر هي نالو منهنجي ڏاڏي مون تي رکيو هو۔
حافظ صاحب منهنجي چوڻ جو مقصد اهو نه هو جيڪو اوهان سمجهيو آ ، نالو ته اوهان جو لکيو پيو آ ، منهنجو مطلب اهو آ ته توهان اهو اسان کي ٻڌايو ته توهان رهندا ڪٿي آهيو ، ڇا ڪندا آهيو ۔ باقي رهي غريب جي ڳاله ته ادا غريب انسان ناهن هوندا ڇا؟
تنهنجو منهنجو ناتو رشتو شايد موت ڇني، هي ياري هڪ ٻي ياري آ ، ناهي ماڻهن واري۔۔۔استاد تنهن جي تُڪ تيز نگاهن کان بچيو ڪو ڪونهي، ڇو ته هر تير لڳو، ٺيڪ ٿيو ڪو ڪونهي
تمام بھترين سيٽون آھن استاد بخاري جون، استاد ھڪ سچو سنڌ جو عاشق ۽ ھڪ بھترين خوبصورت دل رکندڙ شخصيت جو مالڪ ھو. استاد جي شاعري ھڪ عام ماڻھو جي شاعري جو تسلسل آھي. استاد جيڪي ڪجھ لکندا ويا ان ۾ عاميت ظاھري ڏسڻ ۾ اچي ٿي.