مائڪرو سافٽ وارن جو نئون ونڊوز مووي ميڪر سافٽويئر

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هوئن ته مارڪيٽ ۾ يوليڊ مووي ميڪر سميت انيڪ سافٽويئر ملندا جيڪا مووي بنائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن پر اڄ به ڪافي ماڻهون مائڪروسافٽ جو مووي ميڪر سافٽويئر ان ڪري استعمال ڪندا آهن جو هو هلڪو ۽ استعمال ۾ آسان هجڻ سان گڏو گڏ ونڊوز ايڪس پي انسٽال ڪرڻ سان گڏو گڏ پاڻمرادو انسٽال ٿي ويندو آهي۔۔۔ مطلب عليحده ڪا ڊسڪ وٺڻ جي ضرورت ئي نه پوندي آهي۔۔۔
    تازوئي مائڪرو سافٽ وارن هن سافٽويئر جو نئون اپڊيٽ ورجن متعارف ڪرايو آهي جنهن جي ڌُم ٻڌڻ ۾ پئي اچي۔۔۔ هڪ جهلڪ هن سڪرين شاٽ کي ڏسو۔۔۔

    [​IMG]

    هي ورجن دراصل مائڪرو سافٽ مووي ميڪر اسينشل جو اپڊيٽ ڪيل ورجن آهي۔۔۔ جنهن جي انٽرفيس کي خوبصورت بنائڻ لاءِ هن ۾ ڪافي تبديليون آنديون ويون آهن۔۔۔ مووي کي آساني سان ايڊيٽنگ ڪرڻ لاءِ ٽولز کي سجايو ويو آهي۔۔۔ هاڻي توهان پنهنجي بڻايل مووي جي ڪهڙي به حصي ۾ ٽائيٽل، موسيقي ۽ افيڪٽ ڏئي سگهو ٿا۔۔۔۔
    هتي هڪ وڊيو پڻ ڳنڍي رهيو آهيان جنهن کي ڏسي توهان سافٽويئر جي خوبصورتي جو اندازو لڳائي سگهو ٿا۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=94lYVLPBXpg

    هن سافٽويئر جي بُري ڳالهه اها آهي ته هي ونڊوز ايڪس پي لاءِ نه آهي ۔۔۔ صرف ونڊوز وستا ۽ ونڊوز 7 ۾ هن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔ ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي ونڊوز ايڪس پي لاءِ ڪو ڪمپيٽيبل ورجن اچي ۔۔۔
    ونڊوز وستا ۽ ونڊوز 7 استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪري سگهن ٿا۔۔۔۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا اسان سڀ ته ونڊوز ايڪس پي جا سِڪايل آهيون، باقي ونڊوز سيون ڳري هُجڻ جي ڪري في الحال ته انسٽال نه ٿا ڪري سگهون۔۔۔
    پر مائڪروسافٽ جو تمام بهترين قدم آهي۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بهترين معلومات ونڊ ڪرڻ تي اسان اوهان جا ٿورائتا آهيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو