ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت جي سائيٽ تان خودبخود لاگ آؤٽ ۽ جلدي جلدي ٿيان ٿو خبر ناه ته ڇو ؟؟؟ دل ۾ اهو خيال آيو شايد نيٽ جو مسئلو هوندو۔ پر ڪاله کان ڪچهري اطلاع ۽ لاگ آؤٽ ٿيڻ وارا آپشن ظاهر ئي نه آهن ڇو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
اهو مسئلو مون سان به ڪالهه (رات) کان ٿئي پيو ڪچهري اطلاع ۽ لاگ آؤٽ ٿيڻ وارا آپشن ظاهر ئي نه آهن مسئلي جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ٻڌايو وڃي
فائرفاڪس جي ليٽيسٽ ورجن ۾ هڪ مسئلو رپورٽ ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن کي ترت حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي۔۔ في الحال ڳوٺ ۾ هجڻ ڪري سنڌ سلامت موبائيل تان کولي جواب موڪلي رهيو آهيان۔۔ بهتر رهندو ته مسئلي حل ٿيڻ تائين فائرفاڪس جو پراڻو ورجن استعمال ڪريو۔۔ ۽ لاگ ان ٿيڻ وقت ”هر دفعي لاگ ان رهو“ ڀرسان چيڪ باڪس تي ڪلڪ ڪندي لاگ ان ٿيو۔۔۔
اچو ته سليمان وساڻ کي پڪڙيون ،مان روزانوٿو وڃي جهليانس ،پر يار لفٽ ئي نه ٿو ڪرائي ، فرمائش ٿو ڪري ته رشوت م ماني کاراءِ ته تنهنجو مسئلو حل ڪريان ۔ مان سڄي عمر رشوت ڏني نه ورتي ، بس صبر ڪري ويٺس ،هاڻي ٿي خبر پوي ته اهو مسئلو گھڻن يارن سان آهي ، پاڻهي شرم ايندس ۽مونکي ماني به کارائيندو ۽ مسئلو به حل ڪندو ۔
سائين اهو مسئلو مون وٽ ته ظاهر نه آهي بهرحال سائين ذيشان رشيد ڳوٺان موٽي ان مسئلي کي حل ڪري وٺندا تيستائين جڳاڙ ڪري ڪم هلايو۔
[quote="عبدالڪريم چانڊيو, post: 116041, member: 1520" مونکي ماني به کارائيندو ۽ مسئلو به حل ڪندو ۔[/quote] سائين جڏهن سليمان وساڻ صاحب اوهان کي ماني کارائي ته مونکي ٻڌائجو ته مون مسڪين جو به ڀلو ٿي پوندو ، اميد آ ته نه وساريندؤ ۔
ادا مان گوگل ڪروم استعمال ڪيان پيو مان وٽ ته ڪو اهڙو مسئلو نه آهي مان دوستن کي صلاح ڏيندس ته پنهنجي برائوزر جون ڪوڪيز به ڊليٽ ڪري ڏسن سدائين گڏ
مون وٽ ڪو خاص مسئلو ناهي پر ۔۔۔ ٿورو سست ضرور آهي ۔۔۔ مطلب جيئن اڳ ڦٽ سان سنڌ سلامت کلندي هئي سا هاڻ ٿورور ڦيٿو ڦيرائي ٿي ۔۔۔ پر پو به ڪم هلي ٿو ۔۔۔ ادي ذيشان چيو ته پراڻو ورجن لڳايو ته لکڻ دوران اهو ننڍي پي جو اچڻ بند ٿي ويندو پر ائين نه ٿيو ۔۔۔ مون سندس موڪليل گوگل ڪروم جو ورجن به ڊائونلوڊ ڪيو پر مسئلو ساڳيو آهي ۔۔۔ خئير رشيد آهي ته جادوگر پر نوڪرين جا ڏچا ۽ زماني ۾ محبت کان علاوه به ڪئي مسئلا وغيره ۔۔۔۔ ۔۔؟؟؟؟ پاڻ ته ڪمپيوٽر جي مسئلن کي ايترو ئي سڃاڻون جيترو ڪمپيوٽر پاڻ کي ٿو سڃاڻي ۔۔۔۔۔ ڪئنٽرول پيئنل ۾ ويندي ائين لڳندو آهي ڄڻ درياه جي پل تان ٽپو ڏنو هجي ،،،،،، ههههههههههههه خئير دوستو! رشيد بس اجهو موڪل ختم ڪري اچي آفيس جي ڪرسي تي ويهندو ته ڪوبه مسئلو ۔۔۔ ڪا ڳالهه ئي ناهي ۔۔۔۔ ٿي ويندو ۔۔۔
دوستو سلام مونکي ان سلسلي ۾ گهڻن دوستن پاران ميسيج ۽ فون ڪال مليون آهن۔ ذيشان رشيد جي ڳوٺ هجڻ سبب مان اسانجي فورم جي ٻانهن ٻيلي عامر ضياء چارڻ سان رابطو ڪيو آهي۔ فيسبوڪ ذريعي لاگ ان ٿيڻ ۾ سايد اڃان مسئلو پيو اچي۔ دوستن کي عرض آهي ته پنهنجي برائوزر جو ڪيشي ڪلين ڪن۔ گهڻو ڪري سنڌ سلامت لاگ ان ۾ هاڻي ڪو مسئلو پيش ڪونه ايندو۔
ساڳي قسم جي شڪايت جڏهن اڄ وري آئي ته ان مسئلي ڏانهن توجه ٿي۔۔ غور ڪيم ته ڳالهه واضح ٿي پئي۔۔ سنڌ سلامت جي ٽيمپليٽ ۾ مسلسل تبديليون آڻڻ ڪري ڪجهه ٽيمپليٽ ڪوڊنگ برائوزرس جي سيٽنگ سان مطابقت نه ٿي رکي۔۔ پر جيڪڏهن سڪرين ريزوليوشن کي بهتر رکجي ته سنڌ سلامت جو نظارو بهتر نظر اچي ٿو۔۔۔ هتي مان توهان طرفان شڪايت ڪيل اسڪرين شاٽ تحت جڏهن پنهنجي ليپٽاپ اسڪرين کي1024x 768 تي آڻي سنڌ سلامت کي ڏٺو ته اسڪرين ڪجهه هن طرح نظر آئي۔۔۔ ۽ جڏهن سڪرين ريزوليوشن کي وڌايم ته اسڪرين بهتر ٿيندي نظر آئي۔۔۔ دوستن کي گذارش آهي ته جيسين سنڌ سلامت جي ٽيمپليٽ تي ڪا تبديلي آندي وڃي تيسين پنهنجي مانيٽر جي اسڪرين ريزوليوشن 1024x 768 کان مٿي سيٽ ڪن ۔۔۔
ڇا توهان مرڪزي صفحي تي بار بار وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهي۔۔۔ جنهن لاءِ مرڪزي صفحو بٽڻ يا لوگو تي ڪلڪ ڪري وڃي سگهجي ٿو۔۔۔؟ اصل ۾ سنڌ سلامت تي رکيل پورٽل ڏينهون ڏينهن وزنائتو ٿي رهيو آهي۔۔ ان ڪري کلڻ ۾ لوڊنگ پيدا ڪري رهيو آهي۔۔۔ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪو بهتر پورٽل آڻڻ جي ڪوشش ڪبي۔۔۔
ذيشان رشيد اوهان پاران اها ڪوشش سارهه ڄوڳي آهي۔ ۽ مون جهڙو ڪو فائر فاڪسي اها پڪ ڪرائي ته ڪم صحيح ٿي ويو ته اوهان جي محنت سجائي ٿي ويندي۔ ريزولوشين سيٽ ڪرڻ وارو ڪم اوکو هو۔ ڇو ته رڳو سنڌ سلامت ته ناهي نه۔ هي جيڪي ناني ويڙها ٺاهيا آهن (يعني بلاگ) انهن کي اها رزوليشن تڪليف پئي ڏني۔ بهرهال ڪم اهو جيڪو سڀني شين تي لڳي۔ جيڪو رشيد نه ڪري ٻيو ڪير ڪري۔ تمام گهني مهرباني جو هاڻي آفيس جي پي سي تان لاگ آئوٽ ٿيڻ جهڙا ته ٿياسين۔