ڇڏي کيت کرو، لوچي لاهوتي ٿيا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڇڏي کيت کرو، لوچي لاهوتي ٿيا

    مسٽر خشونت سنگهه تي اهو الزام بلڪل غلط آهي ته هو بلانوش آهي. هو عادتي شرابي ناهي، رڳو ٻن ڏينهن ۾ پيئندو آهي. هڪ ان وقت جڏهن بارش ٿي رهي هجي ٻيو تڏهن جڏهن بارش نه ٿي رهي هجي.
    ايئن ئي پاڪستان ۾ موڪل جا ڏينهن گهڻا نه ٿا ٿين، رڳو اهو ڏينهن جڏهن گڙٻڙ هجي، بيو اهو جڏهن گڙٻڙ نه هجي. ڪورٽن جو انصاف سان واسطو هجڻ گهرجي ها پر ڪورٽ به حڪومت کي چيو ته جنهن ڏينهن موٽر سائيڪل تي پابندي وجهو تڏهن سرڪاري موڪل ڪري ڇڏيو. ان کان به وڌيڪ عجيب ۽ غريب ”هدايت“ اها هئي ته جيڪڏهن موٽر سائيڪل تي پابندي وجهڻي آهي ته موڪل واري ڏينهن وجهو.
    بائيڪ تي ٻيلهه سواري بند ڪئي ويندي هئي. هاڻي ته رحمال ملڪ جهڙن جي ٻيگهي متل آهي. بائيڪ هلائڻ تي ئي بندش کي چڱي ڳالهه سمجهيو ويو. 21هين صدي ۾ رابطي جي ذريعن مان سڀ کان اهم موبائل فون تي بندش، ڪڏهن سم ڪارڊ تي بندش، يوٽيوب تي پابندي، جمهروي ۽ پرامن احتجاجي مظاهرن تي پابندي، سمجهه کان ئي پرانهين ڳالهه آهي.
    دهشتگردن تي پابندي وجهڻ ۾ پنهنجي نااهلي ثابت ڪندڙ سرڪاري عام ماڻهن جون سهولتون کسڻ ۾ وڏي دلچسپي رکي ٿي. ٻيلهه سواري تي بندش غريبن تي ظلم آهي پر اهو ڪيو ايئن ويندو آهي ڄڻ ڪو ثواب جو ڪم هجي. موبائل فون ڦڙ نکان وٺي ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ تائين ڏوهه وردي پوشن سامهون ٿيندا رهن ٿا ۽ اهي چئي به رهيا آهن ۽ قاتلن کي پڪڙڻ جو کين ڪو اختيار مليل ناهي. پر خبر ناهي ته غريب موٽر سائيڪل واري جو.
    ۽ اهو معمول آهي. گذريل چئن سالن کان نه پر پاڪستان جي مهڙين ڏينهن کان وردي پوشن ۽ سندن حافي کڻي چئجي سرڪار، عام، غريب ماڻهن سان تعديون ڪندي رهي آهي، جنرل ضيا ۽ سندس حامين جو قصو وساري نه ٿو سگهيجي، پر ان بعد عوام جون جنهن ۾ اميد رکي اها ان جي ڦٽن تي پها رکڻ ته نه آئي پر وڌيڪ گهاءَ ڏئي وئي. جنين لئه مئاسين سي ڪانڌي نه ٿيا.
    لياري واسين پاڻي گهريو ته انهن جي مٿي ۾ ڦاڙهه وڌا ويا، لاڙڪاڻي واسين جا به مٿا ڦاڙيا ويا، ڇا ڇا نه ٿيو ان جي دؤر ۾! سندس نڪ هيٺان صالح ڪا تيار کي ڌڪو ڏنو ويو ۽ هو اڄ تائين ننڌڻڪو ڦرندي پيو وتي. هي ايم آر ڊي تحريڪ جو گمنام هيرو آهي، جنهن سر تريءَ تي رکي مارشل لا جي ڪاري دؤر ۾ احتجاج ڪيو ۽ پوءِ گلابن جا هار پائي جيل به ويو هو اڄ به چئي ٿو :
    يقين ڪر ڪه يه ڪهنا نظام بدلي گا،
    مرا شعور مزاج عوام بدلي گا،
    دل و نظر ڪو عطا هون گي مستيان ساغر،
    يه بزمِ ساقي يه باده يه جام بدلي گا.
    زمانو بدليو ته ڪجهه ڏينهن سندس مڃتا ٿي. اهو ڪيئن ۽ پوءِ کيس ڌڪو ڏيڻ وارو ڪير هو. اهو دلچسپ قصو ته اسان سندس ئي لکيو پڙهنداسين. روايتي طور آتم ڪٿائون دولتمندن، شهزادن، دادلن ۽ چاپلوسن جون پڙهيون وينديون آهن. هاڻي غريب سياسي ڪارڪن جي سياسي ڊائري پڙهي ڏسجي. سندس ڪٿا جو وڌ ۾ وڌ دلچسپ باب ان زماني بابت هوندو جڏهن اسان وٽ ڦولن ديويءَ جي فلم Bandit queen هلي هئي. بئنڊٽ ڪئين يعني ڌاڙيل راڻي.
    اڄ اسان وٽ ڌاڙيل بادشاهه جو راڄ آهي. انڌير نگري چرٻٽ راجا، حقيقت ۾ اسان وٽ بادشاهن جي ڪا ڪمي ناهي. نگوڙو بادشاهه، ٽُن بادشاهه، لاڙڪاڻو وارو ببلو بادشاهه وغيره. نه سياست جو ڍنگ، نه ثقافت جي سڃاڻ، ٽوپي ڊرامن تي زور، سنڌ امڙ تي ٿورو ٿڦڻ لاءِ نعرا گهڻا پر نعرا هڻندڙن جا افعال اهي ئي ساڳيا. جيڪڏهن ڪو سچ چوي ته ان تي ڇتا ڪتا ڇڏيا ٿا وڃن.
    سنڌ جو مزاج ڀٽائي جي ماروئڙن جي امن پسندي، انسان دوستي ۽ سهپ سان سڃاپجندو هو پر قومپرستن جي عوام دشمن ڪردار سبب اها سڃاڻپ مٽيءَ ۾ ملي رهي آهي. هي قاتل وحشي، هي آدم خور سرمائيدارن جا ٻه وڪيل، هي ايم ڪيو ايم جي سوال تي برقعو پائي ميدان مان ڀڄي ويندڙ، سنڌي عوام کي سئو گاريون ڏئي پنجابي سرمائيدار جي جهوليءَ ۾ وڃي ويهي رهندڙ، ضياءَ ٻين جنرلن جا حامي، هي نفي الفت، پير مير ۽ لڪير جا فقير، اها ئي ته آهي سنڌ جي سياست!
    ان حالت ۾ جا حياتي گهاريون ٿا، سا ڄڻ انسان لئه جانور جو مثال، ڪاپي ڌن تي شاعري، سگريٽيءَ جو ڪرپشن تي ليڪچر يا ڪوئلي جو ڪاروبار.
    دوست چون ٿا ته ان جو تجزيو ڪيو وڃي. هي ملڪ ۽ ماحول انهن جو آهي جن کي چئبو آهي نيم حڪيم خطره جان. مرض سڃاڻڻ کان اڳ دوا ڏيڻ وارا، تجزئي جو سياست ۾ مطلب ٿئي ٿو مرض سڃاڻڻ، سبب، نشانيون، نتيجو، پر اها افسانوي ڳالهه نه هوندي، پرين ۽ديون جو قصو نه هوندو، ان ۾ اميرن جي شاندار ايوانن، سونين ڪرسين، گادين ۽ گاديلن جو وقار ڳڻائڻ جي ڳالهين، شاهن ۽ شيخن جي شوق شڪار، بندوق ۽ بارود تي ڦٽڪار وڌي ويندي. پاٿاريدارن کي ڪنهن جي سرپرستي آهي، پورهيتن سان ڪنهن ڪنه نغداري ڪئي، ان قسم جا وکا پڌرا ڪيا ويندا پر ايئن ڪرڻ اسان جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي مزاج جي ابتڙ آهي.
    اهي ماڻهو 65 سالن کان جاگيردار هئڻ جي واويلا ڪندا اچن پر صدين جي ان پراڻي راڳ کان مامرو چوٽ چڙهي ويو آهي. اهي ماڻهو غفلت جي ننڊ مان نه جاڳيا ته ان ۾ گهاٽو کين ئي ٿيندو، ڪجهه ماڻهو ته اڳتي وڃڻا آهن، ڀٽائيءَ چواڻي:
    پيو جن پرو، گنجي ڏونگر گاهه جو،
    ڇڏي کيت کرو، لوچي لاهوتي ٿيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو