ليکو ئي ٽيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ليکو ئي ٽيون
    سياسي اڳواڻن کان معذرت سان
    يوسف سيف
    سنجيده دوستن جو موقف هوندو آهي ته سنڌ ۾ هڪ منظم سياسي ڌر جي گنجائش موجود آهي. اهو هڪ اهڙو بحث آهي جنهن تي اسان جا اڪثر بالغ سياسي ماڻهو متفق آهن. وقت ۽ وير ڪنهن لاءِ نه رڪجندا آهن، ائين وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ٿو رهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ ۾ نت نيون پارٽيون، تنظيمون ۽ تحريڪون پيدا ٿي رهيون آهن. گذريل 20، 25 سالن ۾ عوام جا اهنج ۽ ڏکڙا به وڌيا آهن ته دنيا جي ۾ نت نين ايجادن خاص ڪري سڌ سماءَ جي نون وسيلن ۽ ذريعن دنيا کي گهڻو سسائي مختصر يا ننڍڙو ڪري ڇڏيو آهي يا اڃا به کڻي چئجي ته دنياکي مربوط ڪري يا رابطن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. هلندي پڄندي وارن وٽ سموريون سهولتون موجود آهن. پر وچولي ماڻهوءَ کي به ضرور اهڙيون سهولتون ڳولڻ سان ملي وينديون آهن.
    هڪڙو ٻيو خيال اڪثر سياسي بحث جو موضوع بڻجندو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پراڻا سياسي ورڪر ان خيال جا حامي هوندا آهن ته ملڪ ۾ ٽي مضبوط ۽ منظم پارٽيون آهن، هڪڙي فوج، ٻيو جماعت اسلامي ۽ ٽيون متحده قومي موومينٽ. 90 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم تيزي سان اڀري هئي تڏهن انگريزي مئگزين هيرالڊ ۾ ان جي پسمنظر، جوڙ جڪ ۽ نظرين يا مقصدن بابت وچور شايع ٿيو هو، جنهن ۾ اهو به ڄاڻايل هو ته متحده کي منظم ڪندڙ ڌرين جو مقصد سنڌي ماڻهن جي صوفي ازم واري سوچ ۽ جمهوري سوچ واري جدوجهد اڳيان بند ٻڌڻ آهي. حالتن ڇا ثابت ڪيو يا صورتحال ڪهڙي رهي ان جو اندازو هر ذي-شعور شخص کي آهي پر سوال هيءُ آهي ته آخر اسان سنڌي ماڻهن پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ آخر ڪهڙي منظم جدوجهد جاري رکي ۽ اسان جي جدوجهد دوران ڪهڙا واضح ۽ چٽا مقصد هئا، جيڪي حاصل نه ڪري سگهيا آهيون؟
    سنڌ اندر سياسي پارٽين کي عوام موٽ ڏني آهي. اهو هر ڌر کي مڃڻو پوندو، جڏهن به جيڪو به عام ماڻهو وٽ ڪو پيغام ڪو نياپو ڪو مقصد يا پروگرام کڻي ويو ته ان کي ڀرپور موٽ ملي آهي، جيئن، جيئي سنڌ جي نعري ۾ گهڻي ڪشش آهي ۽ هر شعور رکندڙ ماڻهو کي ان لفظ سان محبت ۽ عشق آهي، اڄ به سنڌ جو شعور ”جيئي سنڌ“ ۽ ”سدا جيئي“ جي نعري کي ڀرپور موٽ ڏئي ٿو، اهڙي طرح جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ته عوام ان کي پڻ هاڪاري جواب ڏنو، ساڳئي ريت جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي عوام سان رابطو ڪيو ته ان کي به عوام وٽان مثبت موٽ ملي، ساڳي ڳالهه رسول بخش پليجي جي لاءِ پڻ چئي سگهجي ٿي، ان ڪري اهو سوال ئي نه آهي، پر سوال هي آهي ته عوام ۽ سياسي قيادت عوام کي ڪارڪنن کي ڪيترو منظم ڪري سگهي يا ڪيتري حد تائين ان جي اعتماد تي پورو لهي سگهي؟ ساڳي ريت پروگرام، نظرئي يا خيال کي سياسي ڌريون ڪيتري حد تائين پهچائي ۽ پکيڙي سگهيون ۽ وري انهن کي سهيڙي سگهيون، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جدوجهد جا طور طريقا ۽ رستا تبديل ٿيندا ويا آهن. جيڪڏهن صفا رک رکاءُ نه ڪجي ته پوءِ اهو چوڻ گهرجي ته سياسي ڌريون عوام جي اعتماد تي پورو نه لٿيون آهن ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾ جدوجهد ڪندڙ سياسي ڌرين جي ڀيٽ اڄوڪي وايو منڊل ۾ غير سرڪار رضاڪار تنظيمن سان ڪجي ته احساس ٿيندو ته سياسي ڌرين جي ڀيٽ ۾ اين جي اوز عوام جو وڌيڪ اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن.
    سياسي ڌرين جي لاءِ نظريو، تنظيم ڪاري، سرگرميون، ساک پت ۽ حڪمت عمليون اهم جُز آهن. جيڪڏهن قومپرست دوست توڙي وفاقي ڍانچي ۾ رهي عوام کي حقن ڏيارڻ لاءِ جدوجهدڪندڙ سياسي ڌريون مون کي معاف ڪن ته، اها گذارش ڪري سگهجي ٿي ته اڄ جي جديد دنيا سان ٺهڪندڙ طور طريقي تحت ڪم ڪرڻ کانسواءِ ڪا وڏي ڪاميابي ملڻ مشڪل آهي. جنهن لاءِ قيادت جي سنجيدگيءَ ۽ دنيا جي تبديلين کي سمجهڻ ۽ ان آڌار تي حڪمت عمليون جوڙڻ جي ضرورت آهي.
    اها عجيب ڳالهه نه آهي ته فاٽا جي ايجنسين ۽ نيم آزاد علائقن ۾ وڙهندڙ انتهاپسند ڌر ايف ايم ريڊيو کي پروپئگنڊا طور استعمال ڪري سگهي ٿي. پر اسان ان اليڪٽرانڪ ميڊيا مان پنهنجي سياسي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ڪو فائدو نه کنيو يا ان مان فائدو حاصل نه ڪري سگهياسين. ٽيپ رڪارڊر کي به انتهاپسند ڌرين پنهنجي مقصد لاءِ هڪ بهترين اوزار طور استعمال ڪيو. هاڻي ته اهو انتهاپسند ڌريون انٽرنيٽ مان پڻ ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. ملٽي ميڊيا جو هر سياسي ڌر وٽ هڪ جدا يونٽ اڄوڪي دور ۾ ضروري آهي. هاڻي وسيلن جو سوال ثانوي حيثيت رکي ٿو، زماني جي رفتار سان نه هلي سگهندڙ ماڻهو پٺتي رهجي ويندا آهن، ڇا اڄ اهو ضروري نه آهي ته هر سياسي ڌر وٽ تعلقي سطح تي هڪ منظم سيڪريٽريٽ هجي، جتي فون، فئڪس، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سهولت هئڻ گهرجي. اهڙين سيڪريٽريٽن کي وري هڪ مرڪزي سيڪريٽريٽ سان ڳنڍيو وڃي، جتان روزاني سرگرمين بابت پڌرائي جاري ٿيڻ گهرجي. ڇا اسان وٽ روشن خيال ۽ قومپرست ڌرين وٽ هر شهر ۾اهڙي آفيس آهي؟ جتي اڄوڪي جديد دنيا سان ٺهڪندڙ سهولتون هجن، جيڪا ڪنهن وڏيري جي اوطاق وانگر نه هلندي هجي پر هڪ منظم پارٽي جي آفيس وانگر هجي. جتي ڪو ماڻهو وڃي ميمبر شپ حاصل ڪري سگهي ۽ هو پنهنجي علائقي جا مسئلا لکرائي، نوٽ ڪرائي سگهي؟
    هر سياسي ڌر جي لاءِهڪ ٿنڪ ٽينڪ به ضروري آهي، جنهن ۾ هم خيال ماڻهن جو جٿو گڏ ڪري پراڻا، ڏکيا ۽ پيچيده توڙي مستقبل جا پروگرام، سروي جا ڪم، مسئلا انهن حوالي ڪجن ۽ ان جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪجن. سماج جي اندر پاڙون پيدا ڪرڻ جي لاءِ عوام جي نفسيات، ان جا مسئلا ۽ فوري مسئلا بحث هيٺ آڻڻ کان سواءِ نتيجو حاصل نٿو ڪري سگهجي.
    سياسي ڪارڪنن جي تربيت وارو معاملو ته بنهه اهم آهي، سياسي ڌرين کي ڪارڪنن جي شعوري سطح کي نظر ۾ رکندي کين سياست جي لاهين چاڙهين کان واقف ڪرڻ لاءِ، ڪتابن جي چونڊ ڪري نصاب به ٺاهڻ جي ضروت آهي، ڪنهن جي چڱي ڪم مان سکڻ ۾ ڪا هٻڪ يا عار محسوس نه ڪرڻ گهرجي، ته پوءِ جماعت اسلامي جي ان طريقي مان سکڻ گهرجي، جيڪا پهرين همدرد، پوءِ رفيق ۽ پوءِ ميمبر ڪري ٿي ان دوران ڪارڪن جي ذهني لاڙي، ذهني چستي ۽ پڻ هن جي نفسيات جو اندازو ٿي ٿو وڃي.
    ڪنهن به شئي کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي گنجائش هر حال ۾ موجود هودي آهي، ڪابه شئي مڪمل نه هوندي آهي، وقت جي تبديلي سان ماڻهو جا آدرش ۽ خيال پڻ بدلجن ٿا. پر ڪي اصول ۽ قانون اٽل آهن. انهن جي پوئواري نه ڪرڻ جو مطلب پنهنجو پاڻ سان دشمني ڪرڻ آهي. سياست پرخار وادي آهي، ان ۾ هلڻ دوران قدم تورري تڪي کڻڻا پوندا آهن، پر ڇا اسان پنهنجي نظرئي ۽ عوام سان جنهن سچائي سان پيش اچڻ گهرجي ان جومظاهرو ڪريون ٿا؟ اهو ته ٿي رهيو آهي ته هر سال عددي طور تي هڪ وڌيڪ سياسي ڌر يا پارٽي جنم وٺي رهي آهي ان جو مطلب ته اسان پنهنجي ذاتي انا، تڪرار، پسند ۽ ناپسند تحت سياست ڪري رهيا آهيون. جنهن جو نتيجو يقينن ڪو گهڻو مختلف نه هوندو.
    پُرامن جدوجهد جي ذريعي پڻ تبديلي آڻي سگهجي ٿي، ماڻهو ڪنهن سان هلڪڙي آواز ۾ به پنهنجي ڳالهه پيش ڪري سگهي ٿو، برداشت جي قوت پيدا ڪري به ڪنهن کي پنهنجو ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن جي خيالن سان لک اختلاف هوندي به ان کي اظهار جي آزادي جو حق ملڻ گهرجي. اهو درست آهي ته سنڌ گدڙن نه کاڌي آهي پر اهو به درست آهي ته سنڌ جا اڪثر وڏا شهر ڌارين وٽ يرغمال آهن. اسان هشي ۾ خوش آهيون. سنڌي ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪن پيا پر سندن خيال به اوهان نيٽ تي ڏسي ۽ پڙهي سگهو ٿا. عبدالقادر جوڻيجي هڪ ڀيرو لکيو هو ته ”ڪرسي ويهڻ لاءِ هوندي آهي پر جيڪڏهن ڪو ان تي اڀکڙو ويهي ته ان کي ڇا ٿو ڪري سگهجي؟“
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مسئلو اهو ئي ته آهي جو نعري جي روح کي سمجهيو ناهي ويو۔ تعليم جي اڻاٺ ئي اصل سبب آهي۔ ماڻهن کي ماڻهن، نعرن ۽ سکڻين شين جي تميز ايندي ته تبديلي ايندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    هي تجزيو منهنجي سهيوڳي ۽ قليگ يوسف سيف جو لکيل آهي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پر ان اهم معاملي تي ڪابه پارٽي ڌيان ئي نه ٿي ڌري ۔۔۔ خاص ڪري سنڌ پرست يا قومپرست سڏائيندڙ ڌريون۔ ان جي ابتڙ ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪن گهڻو منظم ۽ پنهنجن پارٽين سان سچا آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو