معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
وجنتي سان وحشت خلاف عبدالواحد آريسر جي اڳواڻي ۾ عمرڪوٽ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪئمپ قائم
پوليس ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو، جوابدار پئسن تي حاصل، جاچ آفيسر تبديل
غلام نبي شاهه ۾ درندگي ۽ وحشت جو نشانو بڻيل معصوم وجنتي ڪماري سان هفتو گذرڻ باوجود انصاف نه ٿيو، معصوم ٻارڙي سول اسپتال ميرپور خاص ۾ بي يارو مددگار بيوسي ۽ لاچاري جي تصوير بڻجي وئي آهي، جڏهن ته عمرڪوٽ جي ليڊي ڊاڪٽر ليلا پرديپ پاران وجنتي جا جزا هڪ هفتو اڳ ۾ موڪلڻ باوجود اڃا تائين ميڊيڪل رپورٽ ظاهر نه ڪئي وئي، جڏهن ته اهڙي صورتحال بعد ٻارڙي جا وارث چاچي فريادي ڀانومل، هرچند، رامچند، غلام نبي شاهه جي چڱي مڙس ظهور شاهه ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته اسان غريبن سان هيڏو وڏو ظلم ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس اسان کي هيسائي رهي آهي هن چيو ته راڻو ملاح نالي پيش ڪيل جوابدار پوليس کي پئسن تي وٺي ڏنو ويو، جڏهن ته اسان پوليس کي بار بار چيو آهي ته پر پوليس جوابدار توڙي هن جي ساٿارين سان ٻٽ بڻيل نظر اچي ٿي، وارثن پوليس ٽيم تي مڪمل بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته ڊي ايس پي منظور کوسي جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽيم اسان جو ڪيس لوڙهڻ ۾ مصروف آهي، اسان جي غير حاضري ۾ پيرا ڀيٽي ڪرائي پنهنجو ناٽڪ رچايو آهي، جنهن کي اسين ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿا ڪريون، هنن مطالبو ڪيو ته جاچ ايماندار آفيسر کان ڪرائي اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته هنن اهو به چيو ته پوليس جوابدار جي پٺڀرائي ڪري هٿرادو جوابدار ٺاهي اسان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي، ٻي طرف سڄي سنڌ جيان عمرڪوٽ ۾ پڻ وجنتي سان ٿيل زيادتي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ليکڪ علي اڪبر راهمون، جسقم اڳواڻ صالح آريسر، زوهيب آريسر ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي، بک هڙتال ڪيمپ تي سوين شهرين شرڪت ڪري پوليس جي رويي ۽ معصوم ٻارڙي سان انصاف نه ٿيڻ تي رنج جو اظهار ڪيو، ٻي طرف فنڪشنل ليگ اڳواڻ خالد سراج سومرو پاران واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي