سانوڻ خاصخيلي
سينيئر رڪن
ھو پيٽ بُکايل پِيرين اگھاڙو
ننڍڙو پيارل سوچي ٿو
ھو پيٽ بُکايل پِيرين اگھاڙو
ننڍڙو پيارل سوچي ٿو
ڪل ڀي ڪوئل ڪاري ھئي
بي گناھ، بدستور ماري وئي
اڄ ڀي ساڳيون سور، نامنظور
جُڳ جُڳ جيءُ کي، جھوري ٿو
بدليو ڪجھ ڀي ناھي بس
ساڳي سومل ساڳيان سور
پٽ تي پيل ھوچندن چور
ڳوڙھا ڳل پنھنجي تان پوچي ٿو
ھو پيٽ بُکايل پِيرين اگھاڙو
ننڍڙو پيارل سوچي ٿو