• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ابراهيم حيدري

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
529169_157215867741516_1201615366_n-jpg.1332
ابراهيم حيدري
معصوم
ابراهيم حيدري کي اوهان هن وقت ڏسندا ته هڪ دم ڀٽائي جي هڪ بيت جي سٽ هردي تي هليو ايندي
”پسيو بازارون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي“
ابراهيم حيدري ڪراچي شهر جو هڪ قديم بندر آهي، جيڪو ڪلفٽن جي بلڪل ڏکڻ طرف ۽ ڪورنگي تعلقي ۾ آهي . هيءُ ڳوٺ ٻيڙين ۽ لانچن لاءِ ننڍي بندرگاهه طور ڪم ايندو آهي . هتي مڇيءَ کي دَٻن ۾بند ڪرڻ جو ڪارخانو آهي . ان کان سواءِ ڪڪڙين جو کاڌو ، ننڍين مڇين مان تيار ڪيل feed به بڻايو ويندو آهي . ابراهيم حيدري سنڌو درياهه جي ڊيلٽا جي انتهائي اوڀر واري ڇاڙهه ڦِٽي ڪريڪ جي آخري ڇيڙي تي آهي . ڦِٽي ڪريڪ تي پورٽ قاسم آهي ۽ ڀنڀور جا قديم آثار به آهن . ابراهيم حيدريءَ تي ئي مشهور ’ واڳون ڏر ‘ آهي ، جنهن جي مٿان ٽڪريءَ تي واڳون جي قبر به ٺهيل آهي ، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته ڪڏهن هتي ’ واڳون پوڄا ‘ به ٿي هجي ، ابراهيم حيدري پاڪستان جو هڪ وڏو مڇي بندر آهي ، جنهن تي هر وقت سَوَن جي تعداد ۾ هوڙها ۽ ٻيڙا بيٺل نظر اچن ٿا . هتي نه رڳو شڪار ٿيل مڇيءَ جو واپار ٿئي ٿو ، پر هتي هوڙها ٺاهڻ جي صنعت به زنده آهي .
ابراهيم حيدري جيڪڏهن ڀارت ۾ هجي ها ته ڪڏهوڪه ترقي ڪري چڪو هجي پر جيئن ته ڪراچي تي قابض تعصب پرست ٽولو نه ٿو چاهي ته سنڌين جو هي ننڍڙو بندر گاهه اوج تي رسي.
 
تمام سٺي لکڻي ۔۔۔ ابراهيم حيدري ڪراچي جي قديم ترين وسندين مان هڪ آهي۔

معصوم سائين عرض ڪندس ته مٿي موضوع يا عنوان ۾ لاڳاپيل وسندي جو نالو لکو جيئن عنوان مان ئي خبر پوي۔
 
Back
Top