• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آگرا تاج ڪالوني

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
آگرا تاج ڪالوني

1334 اٽيچمينٽ ڏسو

آگرا تاج ڪالوني ڪراچي جي لياري ۾ واقع آهي، جتي اڄ ڪلهه منشيات جو ڪاروبار اوج تي هلي پيو، جتي تعليم ۽ سماج دشمن آزادي سان ڌنڌو ڪن ٿا، جتي سنڌي جاتيءَ جو جيئڻ جنجال آهي، جتي ماڻهن جا ٻوري بند لاش ملن ٿا، ها اها آگرا تاج ڪالوني مهاجرن لاءِ ٺاهي وئي .اهي مهاجر جيڪي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي نيمڪ حلالي جو فرض ادا ڪري ناهن سگهيا.وقت جو واءُ اهڙو گهليو جو ڪارن ٻروچن جي روز روز جي وڙهه وڙهان کان ڀڄي مهاجر لڏي وڃي لالو کيت ۽ ڪورنگي ۾ پڌارٿ ٿيا.
هيءُ علائقو لياري نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي اپ کنڊ جي ورهاڱي دوران آگري ( يوپي ) مان لڏي آيل مسلمان اچي ڪراچيءَ جي هن علائقي ۾ آباد ٿيا، جنهن ڪري هن علائقي کي ’آگرا تاج ڪالوني ‘ سڏيو وڃي ٿو . ورهاڱي کان اڳ هتي هندن جو وڏو مساڻ هوندو هو، جنهن جو هاڻي نانءُ نشان به ناهي.
 
Back
Top