• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اورنگي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
اورنگي
ڪراچيءَ جي صنعتي علائقي اورنگيءَ ۾ ڪراچيءَ کان منگھي پير طرف ستين ميل پٿر تي تاريخي ماڳ آهي . هي ڪو قديم نشان/دڙو آهي . اورنگي ۾ منگھي پير واري چشمي جي ڏکڻ اوڀر ۾ بنجر ۽ وارياسي زمين جي ٽڪريءَ ۾ ڪي وٿون مثلاً چقمقي پھڻن جي اوزارن جا ٽڪر ۽ ٺڪراٺو وغيره مليا آهن . جيڪو قبل از تاريخ سان واسطو رکن ٿا . اڻ چٽيل ٺڪراٺو ۽ ٿانوَ گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا . کوٽائيءَ کان سواءِ ھن ماڳ جي وقت جو تعين ڪرڻ ڏکيو آھي . هيءُ ماڳ هن وقت قبضن جو شڪار ٿي چڪو آهي . بنگلا ديش ٺهڻ کان پوءِ اتان لڏي آيل بهارين کي وڏي پيماني تي آباد ڪيو ويو . هن وقت اها پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ڪچي آبادي آهي. هتي انسانن جي روپ ۾ شيطان ۽ حيوان اچي رهائش پذير ٿيا آهن، جيڪي انسانن جو رت وهائيندي ويرم ئي نه ٿا ڪن. اورنگي جي سڃاڻپ هاڻي قديمي ماڳ مڪان نه پر ڪٽي پهاڙي آهي، جتي رياستي اهلڪارن جي موجودگيءَ ۾ به دهشتگرد پنهنجي مذموم قسم جي ڪارروائي ڪن ٿا. جڏهن به اورنگي ۾ بندوقون ڀونڪنديون آهن، تڏهن ماڻهو جو پهريون ۽ آخري لاش اتان ئي کڄندو آهي، هندستان، افغانستان وانا ۽ وزيرستان کان آيل شيطاني ٽولن اورنگي کي مقتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي.
 
Back
Top