ڀوڳنا زرينا غزل 1338 اٽيچمينٽ ڏسو اها رات ڪيڏي نه ڀيانڪ هئي، جنهن رات منظور پنهنجي ڀاءُ ۽ زال کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. هن کي شڪ هو ته سندس زال سدوري جا هن جي ڀاءُ نياز سان ناجائز تعلقات آهن.منظور جي ماءُ چري ٿي پئي، مٿي ۾ مٽي وجهڻ لڳي. وار پٽڻ لڳي. منظور کي پٽ پاراتا ڏيڻ لڳي. او شل ڪاريءَ تي پير پوئي، شل ڦاسيءَ تي چڙهين. هي مون سان ڪهڙو قهر ڪيئي منهنجو ڪونڌر پٽ ڪهي ڇڏيئي.نياز جي زال جي زندگي اجڙي چڪي هئي. هن جي سر جو سائين هن کان ڪوهين ڏور هليو ويو، جتان ڪو به واپس ناهي وريو. اڃا شادي کي سال ڏيڍ مس ٿيو هو ته هن جي دنيا اجڙي وئي. جوان جماڻ ننڍي نيٽي ڪلهوڪي ٻار ته هئي. هوءَ ويچاري ڪري به ڇا ٿي سگهي. پنهنجي نصيب تي ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ پنهنجي قسمت تي ماتم ڪرڻ لڳي. سڄي ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿيا ۽ ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو، منظور ڀڄي ويو.مري وڃڻ وارن وڃي پنهنجون جايون سنڀاليون الائي حقي الائي ناحقي مئا، اهو ته خدا ٿو ڄاڻي سدوريءَ جا مائٽ اچي ڪاوڙيا، اسان جي ناحق ماري اٿن، منظور جي ڀيڻ جيڪا سدوري جي بدي ۾ ڏنل هئي، ان تي ظلم ٿيڻ لڳو. مائٽن ڏي اچڻ وڃڻ بند، ڀاءُ، ڀاڄائي جي منهن ڏسڻ لاءِ نه ڇڏيائونس. هوءَ ويچاري بس ڪري اندر جي باهه اندر ۾ جهلي ويهي رهي. وري ڇهن مهينن کان پوءِ هن جي مٺڙي امڙ گذاري وئي. ان جي آّخري ديدار لاءِ به نه ڇڏيائونس.تڏهن به منظور جي ڀيڻ سونيا ڪجهه نه ڪڇي سگهي ۽ سوچڻ لڳي ته پنهنجي گهراڻي تي جيڪو پڙهيل هو. تڏهن به ذهنيت پراڻي، ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي. پاڻ مري ويا، ڀوڳيان مان پئي. رسمن رواجن جا غلام ڪيسين تائين مون تي ظلم ڪندا. منهنجو ڀاءُ ڪجهه سال جيل ۾ سزا ڪاٽي موٽي آيو. سڀ ڪو خوش پيو گذاري.منهنجي سزا کٽي ئي ڪانه ٿي. منهنجو به خدا تي آهي ڀروسو. اهو پاڻهي فيصلو ڪندو.“ مارن جا ساريو سانگ آئون ويٺي روز رڙان پئي الا“ اهو ڪلام جهونگاريندي اکين جا بادل ڀرجي آيا. ڳوڙها ٽم ٽم ڪري وسي پيا. رئي جي پلاند سان ڳوڙها اگهي پاڻ کي تسلي ڏنائين. مشرقي عورت ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهي. هميشه ريتن رسمن جو کاڄ بڻجندي رهي آهي. سونيا جو مڙس منصور پڙهيل لکيل هو پر سونيا کي ان جو ڪو به آسرو نه هو.منصور روايتي مڙس جيان هميشه پيو سونيا کي مهڻا ڏيندو هو. تنهنجي مائٽن اسان جي عزت مٽي ۾ ملائي ڇڏي. هن جي سزا توکي ڀوڳڻي آهي ۽ جيسين زندهه آهين تيسين تون ڪڏهن به مائٽن ڏانهن نه ويندينءَ اهو منهنجو حڪم آهي. سونيا مٽ مائٽ ڇڏي پنهنجي ور منصور جي حڪم تي هلندي رهي. آخر هن کي زندگي منصور سان گذارڻي هئي. مشرقي عورت روايتن جي خلاف ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي.