عورت ڪهاڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    عورت
    روشن”ناز“ ڌاريجو


    1339 اٽيچمينٽ ڏسو

    تون ايڏو بدلجي ڇو وئي آهين، نه کل، منهنجي اڳيان، پنهنجي ڦڪي مرڪ منهنجي سامهون نه ڪڍ ڇو جو مان ڄاڻان ٿو ته تون دنيا جي ظالم سماج جي حوس جو شڪار آهين. پنهنجي حالت ڏس، تون ڪيتري نه خوبصورت هئينءَ، ايتري جو مون کي ياد آ ته هڪ دفعي مان تنهنجي ڳلن تي هٿ رکيا هئا، ته تنهنجي نازڪ ڳلن تي نشان پئجي ويا هئا. ان ڏينهن
    مون کي خبر پئجي وئي ته تون ڪيڏي نه نازڪ ۽ حسين آهين شايد خدا حضرت يوسف کان پوءِ اڌ حسن تنهنجي حوالي ڪيو هو. پر ٻه ٽي گهڙيون مان ڇا گهر کان ٻاهر ويس ته هن ظالم سماج جي ظالم ماڻهن تون سان .... نه نه ائين نه ٿو ٿي سگهي. ٻڌاءِ ته تنهنجي هن نازڪ جسم تي ڪيترا ظلم ٿيا آهن. ٻڌاءِ تو ڪيتري تڪليف برداشت ڪئي آهي. ٻڌاءِ منهنجي مٺڙي مون کي ايترو مجبور نه ڪر جو مان خدا جو انڪار نه ٿي وڃان، ڇو جو مون کان پوءِ تنهنجي حفاظت ڪرڻ وارو اهو ئي هوندو.ائين نه ٿئي جو مان بغاوت شروع ڪيان اها بغاوت ايتري ته تيز هوندي جو دنيا جي هر شيءِ دفن ڪري ڇڏيندي. پر مان ائين ڪري نه ٿو سگهان، تون بغاوت ڪر هن سماج خلاف، هن قانون خلاف، هنن عدالتن خلاف انهن خلاف جيڪي وڏا ادارا تنهنجي نالي تي ٺاهيا ويا آهن ها ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان هوءَ پنهنجيءَ جاءِ تان اٿي اندر هلي وئي.مون ڏٺو ته ڪڪر آسمان تي ڇائنجي ويا، تيز هوا گهلڻ لڳي ۽ سج پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو، ايتري ۾ مون کي اندران ڪنهن ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. مان جلدي اندر ويس ته ڏٺم ته هن جي مضبوط هنج ۾ هڪ ٻار ستل هو ۽ هاڻي سج جو ڪنڌ فخر وچان مٿي هو ۽ ان کان اڳ جو ڪجهه مان چوان هن چيو تون هن دور جو آدم آهين. ماڻهن دور جي حوا آهيان. ۽ هي ٻار اهو آهي جيڪو ظلم ختم ڪرڻ لاءِ آيو آهي. ۽ هاڻي هي صليب تي لٽڪڻ لاءِ نه پر ظلم خلاف جهاد ڪرڻ آيو آهي. هن پنهنجا لفظ پورا ڪيا ته ٻاهر در تي آواز آيو در کوليو ته مون کي هڪ شخص نظر آيو هن پڇيو ته ڪٿي آهي هوءَ؟مون چيو ته هن جا مالڪ پيدا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي هوءَ هوءَ نه بلڪه هن دور جي حوا ٿي چڪي آهي جيڪا اندر ٻار کي کير پياري رهي آهي:
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو