• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڄان سرتي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
امر سنڌو

سنڌي ٻوليءَ جي هن ليکڪا ۽ شاعره جو اصل نالو سلميٰ لغاري والد جو نالو حسين بخش لغاري آهي سندس جنم ، ڳوٺ دودي خان لغاري تعلقي ميرپورخاص ۾ 28 آگسٽ 1968ع تي ٿيو . ڊبل ايم . اي ۽ ايل . ايل . بي آهي . هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي ڊپارٽمينٽ آف فلاسافيءَ جي چيئرپرسن آهي . سندس مستقل رهائش سيٽلائيٽ ٽائون ، ميرپورخاص ۾ آهي . امر سنڌو باشعور ۽ باصلاحيت ليکڪا آهي . هن جي شاعري ، مضمون ۽ ڪالم مختلف رسالن ، اخبارن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ ڇپجندا رهندا آهن . اڪثر ادبي ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهندي رهندي آهي ۽ سخت نقاد ۽ باشعور ليکڪا طور مڃتا حاصل ڪري چڪي آهي . سنڌي ، اردو ۽ انگريزي ادب تي سٺي دسترس رکي ٿي ۽ سماجي ۽ ادبي حوالي سان نهايت سرگرم ڪارڪن آهي . عورتن جي سجاڳيءَ ۽ سندن حقن لاءِ هر وقت پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي . سندس ڪجهه شاعري شيخ اياز جي نوٽ سان ” ڏيئا ڏيئا لاٽ “ ۾ ڇپيل آهي ۽ هڪ شعري مجموعو ڇپائيءَ جو منتظر آهي .
 
Back
Top