معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
حليم باغي
سنڌي ٻوليءَ جي مزاحمتي شاعر حليم باغيءَ جو اصل نالو عبدالحليم پٽ محمد سومار ساند آهي . هن 13 مارچ 1963ع تي تاريخي ڳوٺ روحل واءِ لڳ عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو . ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول حاجي ڪالي خان کوسي ۽ ثانوي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ مان ورتائين . ايم . اي ( سنڌي ) ۽ بي . فارميسي ، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين بي ايڊ ۽ ايم . ايڊ پڻ ( 95- 1996ع ۾ ) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين . سندس مامو جمن دربدر پڻ شاعر آهي . اهڙيءَ طرح ڄڻ ته شاعري حليم باغيءَ کي گهران ئي ورثي ۾ ملي . هن 78- 1977ع ڌاري شاعري شروع ڪئي . غزل ، نظم ، وائي ۽ بيت هن جي پسند جون صنفون آهن . حليم باغيءَ جا نظم مزاحمت ۽ رومان جا شاهڪار آهن ، جن سنڌ جي ڪيترن نوجوان شاعرن کي متاثر ڪيو آهي پر عام پڙهندڙن کي به اهي ڏاڍا پسند اچن ٿا . حليم باغيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوجوان ٽهيءَ اندر نمائنده شاعر طور مڃيو وڃي ٿو . سندس شاعريءَ جو مجموعو ” شهرِ جانان “ ٽي ڀيرا شايع ٿيو آهي . حليم باغي هاءِ اسڪول عمرڪوٽ ۾ماستر آهي سندس ڳوٺ ’ روحل واءِ ‘ ۾ ضلعي انتظاميه طرفان ’ حليم باغي لائبرري ‘ قائم ڪئي وئي آهي
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه تان ورتل