اڄوڪو ڏينهن 8 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 8 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

8 ڊسمبر 1826ع انگريز دؤر ۾ سنڌ اندر مقرر ٿيندڙ اٺين ڪمشنر
وليم هينري هيولاڪ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1916ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر چمن داس ڇاٻلاڻي (خيرپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1925ع مشھور شاعر
ناصر ڪاظمي جو جنم ورتو.
8 ڊسمبر 1927ع شاعر ”نديم“ انصاري اصل نالو ولي محمد ولد محمد بچل انصاري ڳوٺ موري ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو
8 ڊسمبر 1930ع اداڪار ۽ گائڪ
رامچندر ڀڳوانداس رهيجا (شڪارپور/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1935ع باليووڊ جي مشهور فلمي اداڪار ڌرميندر جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1940ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ گل محمد ڪنڀر جي پيدائش ٿي
.
8 ڊسمبر 1944ع باليووڊ جي مشهور اداڪارہ شرميلا ٽيگور جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1948ع سيتا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله شاھ آزاد جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1948ع شاعر روشن علي مفتون جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1958ع محقق ۽ تاريخدان
حافظ عبدالستار ڪوريجوڳوٺ ڪوريجا تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
8 ڊسمبر 1959ع ليکڪا ۽ آرڪيلاجسٽ مستور فاطمہ بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1956ع سگهڙ محمد زمان باجاري جي پيدائش ٿي
.
8 ڊسمبر 1957ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن حميدہ ستار ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1982ع شاعرہ ۽ استاد ارم زهرا جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

8 ڊسمبر 1907ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجہ عبدالرحمان مجددي جي وفات ٿي.
8 ڊسمبر 1957ع سنڌي ۽ اردو جي غزل گو شاعر غلام سرور مغل، ولد خانبھادر رسول بخش مغل وفات ڪئي. غلام سرور مغل جي جنم ڀومي ڪوٽ ڏيجي ضلعو خيرپور ميرس اٿس.
8 ڊسمبر 1958ع مينهل فقير مهر (طيب) جي وفات ٿي.
8 ڊسمبر 1975ع مشھور شاعر مشير ڪاظمي جو وڇوڙو ٿيو.
8 ڊسمبر 1994ع موسيقيءَ جي ماهر ۽ نامور براڊڪاسٽر
غلام حسين شيخ جو وڇوڙو ٿيو.
8 ڊسمبر 2003ع ناميارو عالم، اديب،
علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي گذاري ويو.
8 ڊسمبر 2006ع مشھور نقاد ۽ اُستاد،
پروفيسر نذير احمد سومرو گذاري ويو.
8 ڊسمبر 2008ع ناليوارو ٽي وي اداڪار يعقوب زڪريا دل جي دوري سبب حيدرآباد ۾ گذاري ويو.
8 ڊسمبر 2014ع برک ڏاهو، ليکڪ، اديب، سياسي اڳواڻ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ديهانت ڪري ويو.

اڄوڪي ڏينهن
8 ڊسمبر جا ڪجهہ اهم واقعا


1986ع - ايران، عراق جي خلاف زبردست حملو ڪيو.
2009ع - ملتان ۾ آئي۔ ايس۔ آئي۔ جي دفتر جي ٻاهران ڌماڪي ۾ 9 ماڻهو مارجي ويا ۽ 47 زخمي ٿي ويا۔

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top