راشد ميمڻ
سينيئر رڪن
واه زمانا تھنجي چال
سھڻي سھڻي صحبت ھئي،مٺڙي مٺڙي محبت ھئي،
سھڻي سهڻي سنگت ھئي،جاٿي ڪاٿي جنگ جلال،
واه زمانا تھنجي چال،
لوفر لمبئي ڀُٽو ڀاڙي،مڇ مروڙي ڪوڙي ڏاڙھي،
ڪلھي تي اڇي ڪهاڙي،هوٽل تي ويھي هڻندو ڄاڙي،
پٽڪو تنھن جو پندرنھن وال، واه زمانا تھنجي چال،
ٻاهر خان ته گھر ۾ سڃا،زال پيسا ڏئي ته بازار وڃا،
نه ته گھر جا ٺڪر ٿو ڀڃان،چولو چُني وڃي ٿو وڪڻا،
نه ته ڪر وڃي پڻھين کي سوال، واه زمانا تھنجي چال،
ڪڪڙ گھر ۾ ٻانگون پيا ڏيندا،سُريلا ھلي ھوٽل ويھندا،
چانھن مٿان جو سگريٽ پيئندا،پان وٺي جي خوش پيا ٿيندا،
پٺ تي ڪونه ڪندا خيال، واه زمانا تھنجي چال،
پوليس پيسا ڏوڪڙ ڪمائي،چار ڇڏائي پنج ٻڌائي،
ڪڪڙ،بيضا،ڇيلا کائي،چورن مان ٿي پيسا ڪمائي،
وچ ۾ تن جا ڪئين دلال، واه زمانا تھنجي چال،
زالون شهرن منجھـ گُھمن،زيور ڪپڙو پاڻ وٺن،
فيشن مان ٿيون برقا ڪڍن،نت نوان ٿيون نخرا ڪن،
ڪَڇ ۾ ٿيلھي ھٿ ۾ رومال، واه زمانا تنھنجي چال،
ڪن کي ڪان ملي ٿي ڪنوار،ڪن کي آھن زالون چار،
ڪو شادي ٻي لاءِ تيار،ڪو آاڳلي ۾ مان بيزار،
ٿُڪ بُجو۽ لعنت گار،مُڪن جي آ وارو وار،
صبح سانجھي لَعي سنڀار، واه زمانا تنھنجي چال،
جيئن جيئن ٿي ويا ميمبر گھڻا،تيئن تيئن ٿي ويا ڦَڏا گھڻا،
ھِتي هُتي هَڻ هَڻا،هڪڙي يونين ويھه ڄڻا،
ڪري سگهن ٿا ڪونه سنڀار، واه زمانا تنھنجي چال،
معافي خاطر ڏيون درخواست،کلي چوندو تپيدار،
ڏھه روپيه في ايڪڙ يار،ٻيا به اٿم ڀائيوار،
ٻه ٻه روپيه ٻيو سنڀار، واه زمانا تنھنجي چال،
رات انهن جي پنهنجي آهي،حياءُ،لڄ،شرم سڀ پنهنجو لاهي،
ڪنهن جو ايندا ڀونگو ڊاهي،ڪنهن جو ايندا گهوڙو ڪاھي،
ڪنهن جو ايندا ڪاهي مال، واه زمانا تنھنجي چال،
ڪنهن جي ٻڪري ڪنهن ڪو ڍڳو، ڪنهن جي سُئي ته ڪنهن جو سڳو،
ڪنهن جي جُتي، ڪنهن جو وڳو، ڪنهن جي اجرڪ ڪنهن جو ٽُوال،
واه زمانا تنھنجي چال،
ڪنهن جو وٽو، ڪنهن جي هنڊي، ڪنهن جو ڪونڊو، ڪنهن جي ڏنڊي،
ڪنهن جي ٿوم ته ڪنهن جي دال، واه زمانا تنھنجي چال،
واه زمانا تنھنجي چال،
واه زمانا تنھنجي چال.
موبائيل جي وڊيو تان ورتل