ڪاڏي وا

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
ڪاڏي ويا
مسيح مگسي

1344 اٽيچمينٽ ڏسو


رات انڌاري چنڊ ۽ تارا ڪاڏي ويا،
مون سان جيڪي گڏ ها پيارا! ڪاڏي ويا
هو اچڻو اچڻو اچڻو آ، هو چوندو آ،
هڻندي هڻندي جوڳي ڍارا ڪاڏي ويا،
شام ٻڌو مون هو آئي آ هن ويڙهي ۾،
ڀر مان لنگهندي ڪل مونجهارا ڪاڏي ويا،
هو گدلا ئي پر ڪيڏا سهڻا لڳندا هن،
او پيٽ وڏا! لئي جا ٽارا ڪاڏي ويا
 
شام ٻڌو مون هو آئي آ هن ويڙهي ۾،
ڀر مان لنگهندي ڪل مونجهارا ڪاڏي ويا،

خوبصورت شاعري ۔۔۔ تمام سهڻا احساس
 
Back
Top