• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اجالن جا راڳي

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
اجالن جا راڳي
مسيح مگسي

1345 اٽيچمينٽ ڏسو

زوالن جي زد ۾ اسان جون هي حياتيون،
موڙن جي پويان اوهان جون هي جهاتيون،
هي هُجرن ۽ مُجرن ۾ آهن شرافت جون ڳالهيون،
سزائن جي سوڙهين ڳلين ۾ لٽياسين،
ڀٽڪي پرين ڇو اڃارا رهياسين،
سنڌو جا نغما چپن تي لکياسين،
ڪپيو چپ منهنجا ڪپي جي سگهو ٿا،
کسيو ڏات مون کان کسي جي سگهو ٿا،
بهارن کي روڪيو جي روڪي سگهو ٿا،
جذبن کي ٽوڪيو جي ٽوڪي سگهو ٿا،
چنڊ تي چنبيلي جي پوکي سگهو ٿا،
ناممڪن سمجهان ٿو ڳالهيون پرين ٿيون،
هي پتن کان ڇڻيل ٽاريون پرين ٿيون،
اجالن جا راڳي اسين ٿياسين،
انڌيرن ۾ پنهنجو رکيو ڇاهي هاڻي،
اجهو ڪوئي راڻو مومل ٿو ماڻي !!
اجهو ڪوئي راڻو مومل ٿو ماڻي !!
 
اجالن جا راڳي اسين ٿياسين،
انڌيرن ۾ پنهنجو رکيو ڇاهي هاڻي،
اجهو ڪوئي راڻو مومل ٿو ماڻي !!
اجهو ڪوئي راڻو مومل ٿو ماڻي !!



خوبصورت خيال ، مگسي صاحب تمام سهڻي شاعري
 
Back
Top