مسيح مگسي
سينيئر رڪن
منهنجي ديس جو اڻ پورو پورٽريٽ
مسيح مگسي
1346 اٽيچمينٽ ڏسو
نوازشون هي انڌ تي،
۽ ڪاتي منهنجي ڪنڌ تي،
هي وحشتون هي وحشتون،
هي رهزنيون هي رهزنيون،
هي اذيتون، هي غربتون
هي زندگي آ ذلتون
ڪڇان ڪڇان ڪڇان پيو،
وڙهان وڙهان وڙهان پيو،
مران نه ٿو اڃا ڀلا!
جنم ته کوڙ جاڳ ۾،
مري ويا اڀاڳ ۾،
وقت جا هي موچڙا،
جهليون پيا ٿا جهول ۾،
هن زندگي جي ڏول ۾،
اڄ هن جا گجرا،
چوٽ تان،
چمان پيو ٿو،
موٽ تان،
هي لهو لهو سڃاڻجان!
ڪو انقلاب آڻجان!!
ڪو انقلاب آڻجان!!
مسيح مگسي
1346 اٽيچمينٽ ڏسو
نوازشون هي انڌ تي،
۽ ڪاتي منهنجي ڪنڌ تي،
هي وحشتون هي وحشتون،
هي رهزنيون هي رهزنيون،
هي اذيتون، هي غربتون
هي زندگي آ ذلتون
ڪڇان ڪڇان ڪڇان پيو،
وڙهان وڙهان وڙهان پيو،
مران نه ٿو اڃا ڀلا!
جنم ته کوڙ جاڳ ۾،
مري ويا اڀاڳ ۾،
وقت جا هي موچڙا،
جهليون پيا ٿا جهول ۾،
هن زندگي جي ڏول ۾،
اڄ هن جا گجرا،
چوٽ تان،
چمان پيو ٿو،
موٽ تان،
هي لهو لهو سڃاڻجان!
ڪو انقلاب آڻجان!!
ڪو انقلاب آڻجان!!